بوعلي قلندر شيخ

بوعلي قلندر شيخ: بوعلي قلندر رحه جي ولادت 602ھہ/ 1205ع ۾ ٿي سندس جنم پاڻيپٽ ۾ ٿيو ۽ اتي ئي تعليم حاصل ڪيائين ۽ وري اتي ئي درس ڏيندو رهيو. سندس والد عراق مان 1203ع ۾ هندستان لڏي آيو هو. بوعلي قلندر امام ابوحنيفه رضي عنه جي اولاد مان هو. ننڍپڻ ۾ ئي ظاهري علم حاصل ڪيائين. ڪجهہ وقت لاءِ قطب مينار دهليءَ جي ويجهو پڙهائڻ جو ڪم بہ ڪيائين، پر تصوف کيس ظاهري ڳالهين کان پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو. بوعلي قلندر، خواجہ قطب الدين بختيار ڪاڪي رحه جو خليفو بہ ٿيو. ان کان پوءِ هڪدم هر شيءِ کان دل بيزار ٿي ويس ۽ سمورا ڪتاب درياءُ ۾ اڇلي، هڪدم ذڪر فڪر ۾ مصروف ٿي ويو. ”تاريخ فيروزشاهيءَ“ ۾ شيخ بوعلي قلندر رحه سان سلطان غياث الدين تغلق جي ملاقات جو ذڪر آيل آهي. هن بزرگ 9 رمضان 724ھہ/ 1323 ۾ وفات ڪئي. سندس مزار پاڻيپٽ پنجاب ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0602.00.00  هجري

بوعلي قلندر شيخ: بوعلي قلندر رحه جي ولادت 602هه/ 1205ع ۾ ٿي سندس جنم پاڻيپٽ ۾ ٿيو ۽ اتي ئي تعليم حاصل ڪيائين ۽ وري اتي ئي درس ڏيندو رهيو .


1205.00.00  عيسوي

بوعلي قلندر شيخ: بوعلي قلندر رحه جي ولادت 602هه/ 1205ع ۾ ٿي سندس جنم پاڻيپٽ ۾ ٿيو ۽ اتي ئي تعليم حاصل ڪيائين ۽ وري اتي ئي درس ڏيندو رهيو .


0724.09.09  هجري

بو علي قلندر شيخ: هن بزرگ 9 رمضان 724هه/ 1323 ۾ وفات ڪئي . سندس مزار پاڻيپٽ پنجاب ۾ آهي .


1323.00.00  عيسوي

هن بزرگ 9 رمضان 724هه/ 1323 ۾ وفات ڪئي . سندس مزار پاڻيپٽ پنجاب ۾ آهي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احمد خان ملڪاڻي
پيرراڻو ڀنڀرو
بلبن
شيخ محمد حاجن پروفيسر
عبدالجبار پنهور
ائٽڪن اِي ايڇ
مير مير محمد خان ٽالپر
شاھہ پور اعظم
راڻو اجمال
جـيـن جـيـڪس روسـو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون