
بولو
بُولو: عورتن جو نڪ ۾ پائڻ جو زيور. بولو نڪ جي پاسي کان سواءِ نڪ جي ٿوڻيءَ يا بانسيءَ ۾ بہ پائبو آهي. بولو، بوليءَ کان وڏو ٿئي ٿو ۽ سون جو ٺهيل هوندو آهي. هندو عورتن جي بولي ۾ ننڍڙو ياقوت پيل هوندو آهي. هيءُ زيور اڪثر ڇوڪريون پائينديون آهن. پر ڪي وڏيون عورتون بہ پائينديون آهن.