بولچند

بولچند سيتائي : مشھور شاعر بولچند جنهن کي بولومل پڻ چوندا هئا، سال 1882ع ۾ سيتا ننڍي، تعلقي دادوءَ ۾ ڄائو. هو قابل استاد هو ۽ تعليم جي ميدان ۾ وڏو نالو ڪمايائين. بولچند سٺو شاعر، ڊرامه نگار، مصور، ڊزائينر ۽ بت تراش بہ هو. بھترين پورٽريٽ، لئنڊ اسڪيپ ۽ اسڪيچ ٺاهي سگهندو هو. ان دور ۾ ڪافي هندن جي گهرن جي ڊزائين، مورتين ۽ تصويرن سينگارڻ واري عمل ۾ بولچند جو وڏو هٿ هو. سندن اڪثر گهر، مندر، پاٺشالائون ۽ پئنچائت گهر سندس تصويرن سان سينگاريل هوندا هئا. هن سيتا ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جي هڪ ڪمري ۾ هڪ عورت ۽ ڪاز پکيءَ جي خوبصورت تصوير پينٽ ڪئي هئي، جيڪا سندس انڊيا لڏي وڃڻ کانپوءِ پنجاھہ سالن تائين سندس ياد تازي ڪندي رهي. ان ئي تصوير کان متاثر ٿي بشير سيتائيءَ هڪ نظم ’بولچند جي نانءِ‘ ۾ هن عظيم مصور کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اڳتي هلي اسڪول جي مرمت وقت ڪن بدذوق ماڻهن ان تصوير جو خيال نہ رکندي اها تصوير تباھہ ڪري ڇڏي. بولچند سيتائي شاعري بہ ڪندو هو ۽ ڪجهہ ڊراما لکي اسٽيج ڪرائين. هڪ هندو ناري ديا ٻائي سان سندس عشق مشھور هو، جنهن سان پوءِ شادي ڪيائين. برصغير جي ورهاڱي وقت سيتا ڳوٺ کي هميشہ لاءِ ڇڏي ڀارت هليو ويو.


لفظ بولچندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو