بولچند سيتائي: بولچند، جنهن کي بولو مل پڻ چوندا هئا، قابل استاد هو ۽ تعليم جي ميدان ۾ هن وڏو نالو ڪمايو. سيتا ڳوٺ جو هيءُ رهاڪو نہ فقط درس ۽ تدريس جي سلسلي ۾ ماهر هو، پر بھترين مصور، ڊزائينر ۽ بت تراش بہ هو. بھترين پورٽريٽ لئنڊ اسڪيپ ۽ اسڪيچ ٺاهي سگهندو هو. ڪنهن دور ۾ هندن جي گهرن جي ڊزائين، مورتين ۽ تصويرن سينگارڻ واري عمل ۾ بولچند جو وڏو هٿ هيو. هندن جا اڪثر گهر، مندر، پاٺشالائون ۽ پنچائت، گهر هن جي تصويرن ۽ ڊزائينن سان سينگاريل هوندا هئا. هن سيتا ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جي هڪ ڪمري ۾ هڪ هندو عورت ۽ ڪاز پکي جي خوبصورت تصوير پينٽ ڪئي هئي، جيڪا هن جي هندستان لڏي وڃڻ پڃاڻان بہ پنجاھہ سالن تائين سندس ياد تازا ڪندي رهي ٿي، ان ئي تصوير کان متاثر ٿي، ليکڪ بشير سيتائيءَ کيس هڪ نظم ”بولچند جي نانءَ“ ۾ هن بھترين مصور کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. بولچند شاعري بہ ڪندو هو ۽ ڪجهہ ڊراما لکي اسٽيج ڪرايائين. هڪ ناري ديا ٻائي سان سندس عشق مشھور هو، جنهن سان پوءِ شادي ڪيائين. ورهاڱي وقت سيتا ڳوٺ کي هميشہ لاءِ ڇڏي ڀارت هليو ويو.