بوهري

بوهرا/ بوهري/ بوري: سنڌ ۽ گجرات جو هڪڙو مسلم فرقو، جيڪو هندو نسل مان مسلمان ٿيل آهي ۽ منجهن ٿورو گهڻو يمني عربن جو رت گڏيل آهي. هي اڪثر ڪري اسماعيلي فرقي جا شيعا آهن ۽ انهيءَ جماعت سان تعلق رکن ٿا، جيڪي مصر جي فاطمي خليفن مان المستعلي (487 هه/ 1094ع کان 495 هه/ 1101ع) جي انهيءَ دعويٰ جي حمايت ڪن ٿا ته اُن کي ئي پنهنجي پيءُ اَلمُستنصر کان پوءِ تخت جو جائز حقدار سمجهن ٿا. المستعلي، پنهنجي ڀاءُ امام نزار جي مخالفت ڪئي هئي، جنهن جي حامين جا نمائندا هند پاڪ ۾ پاڻ کي اسماعيلي نزاري (هاڻي آغاخاني) سڏائيندا آهن.
بوهري لفظ جي معنيٰ، تاجر يا واپاري آهي، جيڪو گجراتي لفظ ”وهورو“ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي واپار يا تجارت ڪرڻ. اُن ڪري، ڪيترا ماڻهو پاڻ کي ’ووهرا‘ به سڏائيندا آهن ۽ ڪراچيءَ ۾ ان نالي سان هڪ ميڊيڪل ڪاليج به کوليو ويو هو. بوهري يا بوهرا نالو فقط مسلمانن تائين محدود ڪونهي. سال 1901ع جي آدمشماريءَ ۾ 6652 هندن ۽ 25 جين مت وارن به پاڻ کي ”بوهره“ لکايو هو. سال 1901ع جي آدمشماري مطابق بوهرن جو تعداد 146255 ڄاڻايو ويو هو. برطانوي حڪومت ۾ بوهري برادريءَ جا ڪجهه ماڻهو ڪاٺياواڙ ۽ بمبئيءَ کان لڏي ڪراچيءَ آيا هئا. اصل ۾ بوهرن جو تعلق مالابار ۽ راجپوتانا جي هندن سان آهي، جيڪي مسلمان ٿي ويا هئا. بوهرا برادري گهڻن فرقن ۾ ورهايل آهي. هنن ۾ وڏا فرقا داؤدي، سليماني، لوٽيا ۽ سني آهن. هي ماڻهو سيدنا طاهر سيف الدين جا پيروڪار آهن. ”بوهرا“ لفظ جي معنيٰ ۾ تضاد آهي، تڏهن به هي لفظ ”شاهوڪار“ ۽ ”تاجر“ جي معنيٰ ۾ عام استعمال ٿيندو آهي. بوهرا ٻن جماعتن ۾ ورهايل آهن: هڪڙا، جيڪي واپاري آهن، سي سڀ شيعا آهن. ٻي جماعت سُنين جي آهي، جيڪي گهڻو ڪري هاري ۽ مُجيري آهن. اسماعيلي بوهرن جا ڪي خاندان انهيءَ تي دعويدار آهن ته اُهي انهن ماڻهن جو اولاد آهن، جن عرب ۽ مصر مان نڪري هند/ سنڌ ۾ پناهه ورتي هئي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته بوهرين جي اڪثريت هندو نسل مان آهي، جن جي ابن ڏاڏن کي اسماعيلي مبلغن اسلام جي دائري ۾ آندو هو. عام روايت آهي ته انهن جو پهريون مبلغ عبدالله نالي هڪ شخص هو، جنهن کي فرقي مستعليہ جي امام، يمن مان موڪليو هو. ان مبلغ بابت چيو وڃي ٿو ته هو 400 هه/ 1009ع ۾ کنڀات آيو ۽ سرجوشيءَ سان پنهنجي فرقي جي اشاعت ڪرڻ لڳو. ٻيءَ هڪ روايت موجب مُستعلين جي پهرئين مبلغ جو نالو محمد علي هو، جنهن جي قبر اڄ به کنڀات ۾ موجود آهي. ان وقت چالوڪيه خاندان جي گجرات تي حڪومت هئي، جن اسماعيلين کي پنهنجي فرقي جي تبليغ جي اجازت ڏيئي ڇڏي هئي. 1297ع ۾ هندن جي حڪومت جو خاتمو ٿيو. ان کان پوءِ سُني عقيدن جي اشاعت دوران بوهرن کي ڪجهه سخت دور ڏسڻو پيو. 946هه/ 1539ع تائين هن فرقي جو پيشوا يمن ۾ رهندو هو ۽ بوهرا ان جي زيارت لاءِ اُتي ويندا هئا، عشر ادا ڪندا هئا ۽ پنهنجا مسئلا نبيريندا هئا. ان زماني ۾ يوسف بن سليمان هندستان ۾ هليو آيو ۽ سيت پور (بمبئي) ۾ رهڻ لڳو. سال 996 هه/ 1587ع ۾ داعي دائود بن عجب شاهه انتقال ڪيو ته گجرات جي بوهرن دائود بن قطب شاهه کي ان جو جاءِ نشين مقرر ڪيو، پر سليمان نالي هڪڙي شخص دعويٰ ڪئي ته وٽس دائود بن عجب شاهه جو تحريري حڪم موجود آهي، جنهن موجب جاءِ نشينيءَ جو حق وٽس آهي. اهو وصيت اڃا تائين سليماني ”دعوت“ جي قبضي ۾ موجود آهي. (هن فرقي جي جماعتي انتظام کي ”دعوت“ چوندا آهن). سليمان جي وفات احمد آباد ۾ ٿي، جتي ان جي قبر ۽ ان جي حريف دائود بن قطب شاهه جي قبر، سندن پوئلڳن لاءِ قابل احترام آهن. سليمان جي دعويٰ کي مڃيندڙ ”سليمانيہ“ چوائين ٿا ۽ انهن جو داعي يمن ۾ رهندو آهي. هندستان ۾ سليماني دعوت جو مرڪز ”بڙودو“ آهي، جتي اسماعيلي مخطوطات جو وڏو ڪتبخانو آهي. انهن ٻنهي ۾ ٻيو فرق اهو آهي، جو دائودي گجراتيءَ زبان جي هڪ شڪل استعمال ڪندا آهن، جيڪا عربي لفظن ۽ جملن سان معمور آهي؛ ان زبان ۾ پنهنجا انتظامي فرمان جاري ڪندا آهن ۽ خطبا ڏيندا آهن، ان جي برعڪس سليماني سڀني مقصدن لاءِ اردو استعمال ڪندا آهن. دائودي بوهرين جو پيشوا عموماً بمبئيءَ ۾ رهندو آهي، ليڪن سندن مرڪز سورت ۾ آهي ۽ ”ڏيڍيءَ“ جي نالي سان مشهور آهي. ٻنهي هنڌن تي اسماعيلي مخطوطن جو سٺو ذخيرو موجود آهي. سورت ۾ هڪڙو عربي مدرسو آهي، جيڪو ”درس سيفيءَ“ جي نالي سان مشهور آهي ۽ جنهن جو نالو، سندن داعي سيدنا طاهر سيف الدين جي نالي تي رکيو ويو آهي. اُن جو انتقال ٿي ويو آهي. سندس مزار بمبئيءَ ۾ آهي. هاڻي سندس جاءِ نشين سندس صاحبزادو آهي، جنهن جو دفتري لقب ”الداعي المطلق“ آهي، ليڪن عام طرح مريد کيس ”مُلاجي“ يا ”سيدنا صاحب“ چوندا آهن. سندس مريدن جو وڏو تعداد مخصوص انداز ۾ عجز نياز جو اظهار ڪندو آهي، جنهن کي ”تقبيل الارض“ (زمين بوسي) چوندا آهن. اها رسم فاطمين جي زماني کان هلندي اچي، جنهن ۾ سجدي جي مقرر شڪل ۾ نهايت معمولي فرق آهي.
شادي ۽ موت جون رسمون توڙي نماز ادا ڪرڻ ۾ مقامي عهديدار رهنمائي ڪندا آهن، جن کي ”عامل“ چوندا آهن. عام طرح هي تجارت پيشه آهن، البت پاڪ هند، سيلون يا مشرقي آفريڪا جي ڪن خاص حصن ۾ سليماني فرقي وارا عوامي زندگيءَ ۾ به شامل ٿيڻ لڳا آهن ۽ سرڪاري ملازمت به قبول ڪرڻ لڳا آهن. دائودي بوهرن جا ٻه ٻيا به ننڍا فرقا آهن. هڪڙا عليہ بوهري، جن 1624ع ۾ وڏي ملا شيخ آدم جي پوٽي عليءَ جي گادي نشينيءَ جي حمايت ڪئي هئي. ان جي مقابلي ۾ شيخ طيب هو، جنهن کي خود شيخ آدم پنهنجو جاءِ نشين نامزد ڪيو هو. ٻيو فرقو ناگوشتيه، جيڪو عليہ فرقي کان 1789ع ڌاري علحده ٿيو هو. هن فرقي وارا گوشت خوريءَ کي گناهه قرار ڏين ٿا. جعفري بوهره جو وڏو حصو. دائودي بوهرن جو اولاد آهي، جيڪو مظفرشاهه (810هه/ 1407ع) جي دور ۾، گجرات جي بادشاهن جي وقت ۾ سني ٿي ويو هو. جيئن ته انهن ۾ اضافو هندو نو مسلمن جي ڪري ٿيو. انهيءَ ڪري هنن پنهنجو فرقو صوفي پير سيد احمد جعفر شيرازيءَ (15 صدي عيسوي) جي نالي تي جعفري بوهرا رکيو. سنڌ ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ بوهرن جو وڏو تعداد رهندڙ آهي. سابق گورنر سنڌ فخرالدين جي ابراهيم، حاتم علوي، پروفيسر طاهر علي، ڊاڪٽر قمرالدين بوهرا ۽ غلام علي بندوق والا هن جماعت جا مشهور ماڻهو آهن.


لفظ بوهريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0400.00.00  هجري

عام روايت آهي ته انهن جو پهريون مبلغ عبدالله نالي هڪ شخص هو ، جنهن کي فرقي مستعليہ جي امام ، يمن مان موڪليو هو . ان مبلغ بابت چيو وڃي ٿو ته هو 400 هه/ 1009ع ۾ کنڀات آيو ۽ سرجوشيءَ سان پنهنجي فرقي جي اشاعت ڪرڻ لڳو .


1009.00.00  عيسوي

عام روايت آهي ته انهن جو پهريون مبلغ عبدالله نالي هڪ شخص هو ، جنهن کي فرقي مستعليہ جي امام ، يمن مان موڪليو هو . ان مبلغ بابت چيو وڃي ٿو ته هو 400 هه/ 1009ع ۾ کنڀات آيو ۽ سرجوشيءَ سان پنهنجي فرقي جي اشاعت ڪرڻ لڳو .


0946.00.00  هجري

946هه/ 1539ع تائين هن فرقي جو پيشوا يمن ۾ رهندو هو ۽ بوهرا ان جي زيارت لاءِ اُتي ويندا هئا ، عشر ادا ڪندا هئا ۽ پنهنجا مسئلا نبيريندا هئا .


1539.00.00  عيسوي

946هه/ 1539ع تائين هن فرقي جو پيشوا يمن ۾ رهندو هو ۽ بوهرا ان جي زيارت لاءِ اُتي ويندا هئا ، عشر ادا ڪندا هئا ۽ پنهنجا مسئلا نبيريندا هئا .



مذهب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تبليغي جماعت
سک مت
حواري
آتش پرستي
آريا سماج
دادو پنٿي
روحانيت
اوتار
ڀونگ شريف جي مسجد
رام رامچندر
مذهب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون