بوهي جا قبا

بوهي جا قُبا: هي آثار اصل ۾ ٿھيم خاندان جي پٺاڻن سان جنگ جا آهن، جيڪي شڪارپور کان ٽيھہ ڪلوميٽر اولھہ طرف، انڊس هاءِ وي لڳ ڊکڻ ۽ رتيديري جي وچ تي واقع ”بوهي جا قبا“ جي نالي سان مشھور آهن. ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ٿهيمن ۽ پٺاڻن ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ ٿھيم شھيد ٿي ويا. ان کان پوءِ 1781ع ۾ انهن جي گهر وارين مقبرا ٺهرايا. هڪ صاحب خان ٿھيم جو، ٻيو دلاور خان ٿھيم جو ۽ ٽيون جلال خان ٿھيم جو مقبرو آهي. جڏهن تہ چوٿون ننڍو مقبرو جعفر شاھہ نالي هڪ بزرگ جو آهي، اهڙي قسم جي سروي مهراڻ ايڪسپلورنگ ٽيم پنھنجي مطالعاتي دوري دوران ڪئي آهي. ٽيم جي چيئرمئن وجاهت حسين مھر چيو تہ ڪنهن بہ تاريخدان ۽ آثار قديمہ جي ماهر، بوهي جي قبن تي تحقيق نہ ڪئي آهي. هينري ڪزنس جو ڪتاب (سنڌ جا قديم آثار) سنڌي ادبي بورڊ وارن ترجمو ڪري ڇپايو آهي، ان ۾ ٿهيمن جي مزار وارن قبن کي يارمحمد ڪلهوڙي جو مقبرو ڄاڻايو ويو آهي، جيڪا غلطي درست ڪرڻ گهرجي. هن وقت بوهي جا قبا ميسارجي رهيا آهن. مقبرن جي حالت بلڪل زبون آهي.


لفظ بوهي جا قباھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1781.00.00  عيسوي

ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ٿهيمن ۽ پٺاڻن ۾ جنگ لڳي ، جنهن ۾ ٿهيم شهيد ٿي ويا . ان کان پوءِ 1781ع ۾ انهن جي گهر وارين مقبرا ٺهرايا



قديم آثار - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دنب بٺي
آرام باغ
اڪبر بادشاھہ جي ڄمڻ جو ھنڌ
ستي اسٽون
ٻوھي وارو ڀڙو
جُھڪر جو دڙو
آسيلي
آثار قديمہ
اگهاماڻو-اگهم ڪوٽ
برهمڻ آباد
قديم آثار ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون