بوهڙ2

بوهڙ2: قنبر ۽ جاتي تعلقن ۾ ديهن جو نالو بہ بوهڙ آهي. بوهڙ ڳوٺ، جاتي شھر کان 8 ميل پري شيرخان واھہ جي ڪپ تي آباد آهي ۽ تعلقي جاتيءَ جي قديم ڳوٺن مان هڪ آهي، جنهن تي بوهڙ ذات تان نالو پيو، جيڪا هتي رهندڙ آهي. هتي رهندڙ ذاتين ۾ لوهار ۽ سميجا وغيرہ شامل آهن. هتي 1901ع جي تعمير ٿيل پراڻي مسجد آهي. هن وقت هتي پرائمري ۽ مڊل اسڪول موجود آهن. تازو يونيسيف جي امداد سان رورل هيلٿ سينٽر قائم ٿيو آهي. تعلقي قنبر، ضلعي لاڙڪاڻي جي ديھہ بوهڙ ۾ بوهُڙن جو فقط هڪ ڳوٺ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو