
بوٽسوانا
بوٽسوانا (Botswana ):هن ملڪ جو سرڪاري نالو جمهوريه بوٽسوانا (Republic of Botswana) آهي. جنهن جو پراڻو نالو بيجوانا لينڊ هو. بوٽسوانا قبيلي جي نسبت سان هن کي بوٽسوانا جو نالو ڏنو ويو. هي ملڪ ڏکڻ آفريقا ۾ آهي. جنهن جي اتر ۽ اولھہ ۾ نميبيا، اتر ۾ زمبيا، اتر اوڀر ۾ زمبابوي، ڏکڻ ۾ جمهوريه ڏکڻ آفريقا آهي.
بوٽسوانا جي ڪل پکيڙ 581730 چورس ڪلوميٽر (224711چورس ميل) ۽ آبادي 25 لک آهي. بوٽسوان گاديءَ جو هنڌ گيبرون (Gaborone) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ مائونٽ اوٽس (بلندي: 1489 ميٽر) آهي. هتي سرڪاري ٻولي انگريزي آهي، پر هتي ٽسوانا ۽ شونا ٻوليون پڻ ڳالهائجن ٿيون. هتي جي موسم گرم ۽ گهميل آهي. سردين ۾ سخت سردي ۽ جون کان آڪٽوبر تائين سخت گرمي ۽ گهميل موسم رهندي آهي.
بوٽسوانا جي مکيہ زرعي پيداوار مڪئي، سورگم، ٻج، ان، ڀاڄيون آهن ۽ مکيہ صنعتن ۾ فوڊ پروسيسنگ، گوشت جي پيڪنگ، کاڻيون کوٽڻ آهي ۽ مکيہ معدنيات ۾ هيرا، ٽامو، نڪل، سون، مينگانيز، ڪوئلو، پوٽاش، لوڻ، پلاٽينيم ۽ سوڍا کار آهي.
بوٽسوانا، آفريڪا جو هڪ خوشحال ۽ امير ترين ملڪ آهي. هتان جا اصلي رهواسي سان (San) هئا. سوٿو (Sotho) نسلي گروپ 1600ع ۾ هجرت ڪري بوٽسوانا جي علائقي ۾ آباد ٿيو. گيبرون شھر جي پيڙھہ هڪ آفريقي سردار گيبرون مٽيلاپن وڌي. 1885ع ۾ هتي برطانيا قابض ٿيو ۽ 1886ع ۾ هيءُ بيچوانا لينڊ جي نالي سان برطانيا جي حفاظت هيٺ رهيو. 1965ع ۾ آئين نافذ ٿيو ۽ 30 سيپٽمبر 1966ع تي بيچوانا لينڊ کي مڪمل آزادي ملي. سر سريستي کاما جمهوريه بوٽسوانا جو پهريون صدر ٿيو، جيڪو ٻيهر بہ صدر چونڊجي آيو. هن جي دور ۾ ملڪ وڏي ترقي ڪئي ۽ ان عرصي وچ ۾ هيرن ۽ ٻين معدنيات جي لڀڻ سان ملڪ جي قسمت ئي بدلجي وئي. 1976ع ۾ بوٽسوانا جي نئين ڪرنسي پولا رائج ٿي. 1981ع ۽ 1982ع جي ڏڪارن جي ڪري هتان جي 75 سيڪڙو پوک برباد ٿي وئي. 19 مئي 2000ع تي صدر موگائي، اوراپا (Orapa) جي هنڌ تي دنيا جي سڀ کان وڏي هيرن جي کاڻ جو افتتاح ڪيو.
بوٽسوانا خشڪيءَ ۾ گهيريل ۽ سمنڊ کانسواءِ ملڪ آهي. هن جي اتر کان ڏکڻ طرف ڊيگهہ 1006 ڪلوميٽر ۽ اوڀر کان اولھہ طرف ويڪر 950 ڪلوميٽر آهي. ملڪ جي گهڻي ڀاڱي ايراضي مٿانهين ميداني آهي، جنهن جي وڌ ۾ وڌ بلندي 1000 ميٽر تائين آهي. ڏاکڻي ڀاڱي تي ڪالا هاريءَ جو رڻ پکڙيل آهي.
بوٽسوانا جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 30 سيپٽمبر 1966ع آهي ۽ گڏيل قومن جي اداري (U.N.O) جي ميمبرشپ 17 آڪٽوبر 1966ع کان آهي.