بوڙينڊو ساز
بوڙينڊو: هيءُ ڦوڪ وارن سازن ۾ شروعاتي ساز آهي ۽ مُهين جي دڙي مان به لڌو ويو آهي. عام طرح مٽيءَ جو ٺهيل هوندو آهي. ڪن هنڌن تي آويءَ ۾ پچايو به ويندو آهي. ان کي ٽي يا چار سوراخ ٿين ٿا، جن مان هڪڙو سوراخ وڏو، باقي سوراخ ننڍا ۽ هڪ جيترا ٿيندا آهن. اهي سوراخ ٻه- پور پاسي ٽڪنڊي جي نموني تي ٺهيل هوندا آهن. جيئن ته بوڙينڊو ٺاهڻ ۾ آسان آهي، سو ان کي ٻار به رانديڪي طور ٺاهيندا آهن. ڪيترا شوقين وڏا بوڙينڊا ٺاهي، مٿن ڪنڀارڪا چٽ چٽي باهه ۾ پچائيندا به آهن. وڄت وقت بوڙينڊي جي وڏي سوراخ ۾ ڦوڪ ڏيڻ سان سُريلو آواز پيدا ٿئي ٿو. جڏهن ته باقي ننڍن سوراخن تي آڱريون رکي سُر ملايو وڃي ٿو. بوڙينڊو وڄائڻ ۾ به سولو آهي. سو ننڍا ٻار ۽ ڌنار مال چارڻ وقت وڄائي، خوب لطف اندوز ٿيندا آهن. جيتوڻيڪ بوڙينڊو ڪو اهڙو ساز نه آهي، جيڪو ڳائڻ سان سنگت ۾ وڄائي سگهجي يا بوڙينڊي سان ڪا جدا ڌن وڄائي سگهجي، پر ايترو چئبو ته بوڙيندي جا سُر مِٺا ضرور ٿيندا آهن. بوڙينڊو مٽيءَ جي گول کينهوڙي وانگر ٺاهيندا آهن، جنهن جو اندر پورو هوندو آهي. بوڙينڊو جيئن ته بنا خرچ جي ٺهي ٿو ۽ ٺهڻ ۾ به آسان آهي، تنهنڪري ڌراڙ، وندر لاءِ هي ساز ٺاهي ڪم آڻيندا آهن. گهڻو ڪري مال کي ورائڻ يا وٿاڻ تي آڻڻ لاءِ به وڄائيندا آهن. بوڙينڊو اسر ۽ شام جو وڄندي ڏاڍو سٺو لڳندو آهي. هيءُ ساز اتر سنڌ ۾، موهن جي دڙي واري زماني جي بيل گاڏيءَ وانگي سدائين موجود رهيو آهي، ۽ ڳوٺن ۾ اڄ به ان جو رواج آهي. وقت جي گذرڻ ڪري بوڙينڊي جي سوراخن ۾ ڦير گهير ايندي رهي آهي. مير محمد، نڙ توڙي بوڙينڊي جو تمام سٺو وڄائيندڙ هو. سندس وڄت ۾ اڄوڪي دؤر جي نفاست هئي.