بوگرا فارمولا: محمد علي بوگرا ڇھن مهينن اندر يعني آڪٽوبر 53ع تي اسيمبلي آڏو آئيني فارمولا پيش ڪيو جيڪو بوگرا فارمولا سڏجي ٿو. هن فارمولا تحت قانونيه جا ٻہ ايوان تجويز ڪيا ويا. اپر هائوس جي ميمبرن جو تعداد 50 مقرر ڪيو ويو ۽ ان ۾ پنجن يونٽن کي هڪ جيتري نمائندگي ڏني وئي. اهي پنج يونٽ اوڀر بنگال، پنجاب، سرحد، سنڌ، بلوچستان، ڪراچي، خيرپور ۽ بھاولپور تي ٻڌل هئا. لوئر هائوس لاءِ 300 ميمبر تجويز ڪيا ويا. انهن ۾ پنجن يونٽن کي هن تناسب سان نمائندگي ڏني وئي. اوڀر بنگال 165، پنجاب 75، سرحد صوبو 13، قبائلي علائقا 11، سنڌ 19، خيرپور 1، بلوچستان 3، بلوچستان رياست 2، ڪراچي 4 ۽ رياست بھاولپور 7. هن فارمولي جي قابل ذڪر ڳالھہ اها آهي تہ ان ۾ برابري وارو اصول برقرار رکيو ويو. جيڪڏهن ٻنهي ايوانن جو گڏيل اجلاس گهرايو وڃي تہ اتي اوڀر پاڪستان مان 175 ۽ اولھہ پاڪستان مان بہ اوترائي ميمبر هجن ها. هن فارمولي ۾ ٻنهي ايوانن لاءِ هڪ جيترا اختيار رکيا ويا.
آئين سازي آڏو اهو مسئلو درپيش هو تہ پاڪستان جي آئين ۾ مرڪز بااختيار هجي يا صوبن کي وڌ ۾ وڌ صوبائي خودمختياري ڏني وڃي. ان ڳالھہ تي اختلاف راءِ موجود هو. اوڀر پاڪستان وڌ ۾ وڌ صوبائي خودمختياري جو خواهشمند هو. جيڪي گروپ صوبائي خودمختياري جا حامي هئا. انهن جي راءِ هتي تہ مرڪز کي رڳو ٽي کاتا (پرڏيهي معاملا، بچاءُ ۽ ڪرنسي) ڏنا وڃن. باقي سمورا اختيار صوبن کي ڏنا وڃن. ان جي ابتڙ جيڪي ماڻهو مضبوط مرڪز جا حامي هئا، سندن چوڻ هو تہ عصبيت ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي تہ مرڪز بااختيار ۽ سگهارو هجي. انهن ٻن متضاد خيالن مان هڪ ٽئين راھہ ڪڍي وئي. اختيارن کي ٽن حصن يعني مرڪزي، صوبائي، گڏيل لسٽ ۾ ورهايو ويو. مرڪز کي پرڏيهي معاملا ڪرنسي، بئنڪنگ، مواصلات، پرڏيهي، واپار جا کاتا ڏنا ويا. مرڪزي کي ڏنل اختيارن جو تعداد 48 هو. جڏهن تہ ٽي اختيار گڏيل هئا. زبان جي مسئلي کي حل ڪرڻ اردو ۽ بنگالي ٻنهي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جي رٿ ڏني ويئي.