بيان العارفين

بيان العارفين (ڪتاب ): محمد رضا ٺٽويءَ جو قلمبند ڪيل فارسي ڪتاب. هيءُ ڪتاب 1038ھہ/ 1628ع ۾ ٺٽي جي مؤرخ ۽ شاعر محمد رضا بن عبدالواسع عرف مير دريائي ٺٽويءَ فارسي زبان ۾ تاليف ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جي مشھور بزرگ شاعر ميين شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام، ارشادات ۽ احوال ڏنل آهي. مصنف سڄو رسالو رجب مهيني 1038ھہ/ 1628ع ۾، يعني شاھہ ڪريم جي وفات کان فقط ڇھہ ورهيہ پوءِ، سندس گادي نشين سيد دين محمد شاھہ جي ڏينهن ۾ لکي پورو ڪيو. اهو رسالو سال 1210ھہ/ 1795ع تائين گمناميءَ جي گوشي ۾ هو. پوءِ عبدالرحمان بن محمد ملوڪ ڪاٺ ٻانڀڻ کي هٿ آيو. ساڳئي سال جي مهيني ربيع الاول، تاريخ پهرين، ڏينهن اڱاري جي، ان کي سنڌيءَ ۾ آڻڻ شروع ڪيائين ۽ تاريخ 20 ڏينهن جمعي مهيني ربيع الاول سال 1213ھہ/ 1798ع ۾ ان جا 11 باب جوڙي راس ڪيائين. باقي پنج باب ڪڏهن تمام ڪيائين، تنهن جي تاريخ نہ ڏني اٿس. سال 1293ھہ/ 1876ع ۾ مخدوم عبدالصمد ولد حاجي محمد مقيم نورنگ پوٽي کي خيال پيو تہ ڪو سلوڪ جو ڪتاب سنڌيءَ ۾ ڇپايان. نيٺ هڪڙي ڏينهن مٿئين عبدالرحمان جي جوڙيل ”سنڌي بيان العارفين“ جو ٻيو جلد هٿ آيس. عبارت اهڙي طويل هئي، جو منجهانئس مطلب ڪڍڻ مشڪل هو، تنهنڪري ڇپائڻ جو خيال ڇڏي پهرئين جلد لاءِ پنهنجن دوستن کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ لڳو، تان جو سندس هڪ دوست فقير ميان حاجي عبدالله جت سالاراڻيءَ کيس اهو مسودو گهڻي ڪوشش بعد ڪڇ ملڪ مان هٿ ڪري ڏنو، پر ان جي عبارت بہ اهڙي هئي، جهڙي ٻئي مسودي جي. هڪڙي ڏينهن سيد محمد صلاح سجادہ نشين درگاھہ بلڙيءَ جي حضور ۾ ويٺو هو تہ بيان العارفين جو ذڪر ڇڙيو. تڏهن پيرصاحب کيس پنھنجي وڏي ڏاڏي جي رسالي جو حق ملڪيت ۽ تلافي بخشي، ڇپائڻ جو تاڪيد ڪيو. ٻہ ٽي خط عالم رباني قاضي ميان عبدالرحيم ڪوٽ عالمي واري وٽان انهيءَ باري ۾ پهتس. پوءِ اگرچہ فراغت نہ هيس، تہ بہ خير جو ڪم ڄاڻي، ان کي لڳي ويو. عبارت ۾ ڪاٽ ڪوٽ ڪيائين. پوءِ جوڙي ٺاهي اهل کي ڏيکاريائين، جن کي پسند پيو. تڏهن بمبئيءَ ۾ وڃي، مطبع مرغوب، هرديار ۾ ڇپائي پڌرو ڪيائين. هيءَ عبارت مخدوم عبدالصمد جي آهي. پاڻ قبوليو اٿس تہ اصل مضمون کي مختصر ڪرڻو پيم. افسوس جو ائين ڪرڻ ڪري سندس خيال جي برعڪس ڪتاب ۾ وڏا نقص ۽ خاميون رهجي ويون. حيرت آهي تہ مرزا قليچ بيگ جهڙي عالم ۽ فاضل کان اهي ساڳيون غلطيون ڪيئن سرزد ٿيون. سندس چوڻ موجب، وٽس خود مصنف جو دستخطي نسخو ۽ ٻيا نسخا موجود هئا، جن کي ڀيٽي 1904ع ۾ ”رسالو ڪريمي“ ڇپايائين.
سارو مصالحو فقير ڌڻيءَ پرتي بلڙيءَ واري جي ”بيان العارفين“ جي اتاريل نسخي مان ڪٺو ڪيو ويو آهي، جيڪو هن تاريخ 15 صفر 1196ھہ/ 1781ع ۾ ٽپهريءَ وقت لکي پورو ڪيو. محمد رضا وارو اصلوڪو نسخو گم ٿي ويو هو، پر اتفاق سان ڊاڪٽر دائودپوٽي مرحوم کي معلوم ٿيو تہ اهو نسخو دڙي شھر جي مشھور حڪيم سيد احمد شاھہ وٽ موجود آهي. هاسيڪار ڊاڪٽر مرحوم سال 1935ع جي مئي مهيني ۾ بلڙيءَ جو سفر ڪري اتي پهتو، جتي پيرصاحب غلام حيدرشاھہ سجادہ نشين درگاھہ بلڙيءَ واري جي مدد سان دڙي شھر ۾ وڃي، سيد احمد شاھہ کان ”بيان العارفين“ جو اصل ترجمي وارو نسخو حاصل ڪيو ۽ اتي جو اتي ڀيٽ ڪري ڌڻين کي واپس ڪيو. ڊاڪٽر مرحوم دائودپوٽي جو ڇپايل اهو نسخو ”شاھہ ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام“ (بيان العارفين وتنبيہُ الغافلين“ تان ورتل) جي نالي سان جون 1937ع ۾ پيپلز اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، الهندي ڪچي، حيدرآباد سنڌ مان ڇپيو ۽ مولوي عبدالصمد شريف الدين، پروپرائيٽر قيمہ پريس، ڀينڊي بازار، بمبئيءَ مان شايع ڪيو، جنهن ۾ هن بيان العارفين ۾ آيل سنڌي بيتن جي معنيٰ ۽ تشريح کي شامل ڪيو ۽ ان اشاعت سان ڪتاب ’بيان العارفين‘ جو نالو وڌيڪ مشھور ٿيو. بيان العارفين پهريون ڀيرو سڄو سربستو، صحيح سنڌي ترجمي جي صورت ۾ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري، سوڌي سنواري، روان سنڌي ترجمي سان 2002ع ۾ اوقاف کاتي ۽ ”علامہ قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت“ پاران پڌرو ڪيو ويو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو 2007ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي.


لفظ بيان العارفينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو