بيبي بتول: هي شاھہ حبيب جي نياڻي ۽ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جي ڀيڻ هئي. شاھہ حبيب جون ٻہ شاديون هيون. هڪ شادي ڏيرن مان ڪئي هئي، جنھن مان شاھہ لطيف هو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڄاڻايو آهي تہ: ”بيبي بتول شاھہ لطيف جي سڳي ڀيڻ هئي. مير عبدالحسين سانگي موجب ”شاھہ حبيب کي بيبي بتول کانسواءِ ٻيون بہ ٻہ نياڻيون هيون پر اها پڪ ناهي تہ اهي ڪھڙي گهر مان هيون.“ ”لطائف لطيفي“ ۾ بيبي بتول بابت ڄاڻايل آهي تہ کيس ادب مان بيبي راڻي يا بيبي سردار بہ سڏيندا هئا.