بيبي جمال خاتون سيوستاني: هيءَ بيبي عالم اسلام جي مشھور عارف، ميان مير سنڌي (لاهوريءَ) جي ڀيڻ هئي. نهايت ئي عارفه ۽ زاهده هئي. علم، ترڪ ۽ توڪل ۾، بيبي رابعہ بصريءَ جي برابر هئي. هن تعليم، تصوف ۽ تجريد جي راھہ رسم، پنھنجي والدہ سڳوريءَ ۽ سڳي ڀاءُ کان حاصل ڪئي. بيبي صاحبه، درس ۽ تدريس جو ڪم پنھنجي گهر ۾ ڪندي هئي. سال 1049ھہ/ 1639ع ۾ وفات ڪيائين.