بيبي خيرالنساءِ: مير فتح علي خان ٽالپر جي والدہ بيبي خيرالنساءِ، جنهن کي احترام وچان بيبي خيران يعني خير ڪندڙ، سخياڻي، سڏيو ويندو هو؛ بيبي صاحبہ سخياڻي، رحمدل ۽ وڏي خيرڌياڻي هئي. هن ڪيتريون مسجدون ۽ مدرسا ٺهرايا. حيدرآباد شھر جي ميان فقير جي پڙ ۾ ”مائي خيريءَ جي مسجد“ بہ هن ئي بيبي صاحبہ جي جوڙايل آهي. تعليم سان سندس شوق هو. هڪ عاليشان مدرسو قلعي جي دروازي جي ويجهو تعمير ڪرايائين، جنهن ۾ مفت تعليم ڏني ويندي هئي. شاگردن ۽ استادن جي ماني ۽ ڪپڙي لٽي جو سڄو خرچ پاڻ برداشت ڪندي هئي. ٽالپر شهزادين ۾ جيڪا تعليم آئي، سا بہ هن برگزيده مائيءَ جي بدولت آئي. مرحومه پهرين تاريخ رمضان 1222ھہ/ 1807ع ڌاري، رات جي وقت انتقال ڪيو. ان جي وفات تي مير مائل طويل قطعو چيو آهي. بيبي خيري جي قبر خداآباد ۾ مير فتح علي ٽآلپر جي هجري ۾ آهي. بيبي خيري جون تصنيفون پڻ ٽالپر ڪتب خاني ۾ موجود آهن، جن ۾ هي ڪتاب ناياب آهن. 1) يادگيريون (فارسي)، 2)تعقيبات پنجگانه (عربي)، 3) زيارات معصومين عليهم السلام (عربي چهارده معصومين عليهم السلام جون زيارتون ۽ تشريح فارسي ۾).
1222.09.01 عيسوي
ٽالپر شهزادين ۾ جيڪا تعليم آئي ، سا به بيبي خيرالنساءِ جي بدولت آئي . مرحومه پهرين تاريخ رمضان 1222هه/ 1807ع ڌاري ، رات جي وقت انتقال ڪيو .