بيبي رابعہ بصري

بيبي رابعہ بصري: 717ع ۾، ڏکڻ عراق جي علائقي ۾ پيدا ٿيندڙ بيبي رابعہ بصريءَ جو نالو، اسلام ۽ تصوف جي فڪر جي حوالي سان سرِفهرست هو. پاڻ هڪ غريب گهراڻي ۾ ڄائي ۽ غلام طور وڪي وئي. توڙي جو 622ع ۾ حضرت محمد صلي عليہ وسلم عرفات جي ميدان ۾، پنھنجي آخري خطبي ۾ رنگ، نسل، ذات پات ۽ مت ڀيد واري فرق کي مسترد ڪري ڇڏيو هو، پر تنهن هوندي بہ اسلام جي ظھور کان پوءِ 100 سالن تائين، ڪابہ مسلمان عورت، مذهبي اڳواڻ نہ ٿي سگهي. بيبي صاحبہ اسلامي دنيا جي اها پهرين مسلمان عورت اڳواڻ هئي، جنهن اسلام اندر صوفي ازم جي فڪر کي اجاگر ڪيو. سندس تصوف جو اهو فلسفو، ٽن بنيادي نڪتن تي هو: (1) صدق ۽ وحدت جي توثيق، (2) ڪامل ڀروسو ۽ توڪل ۽ (3) عارفاڻي وحدت ۾ ”فنا“. بيبي رابعہ بصري، اها صوفي عورت هئي، جنهن لاءِ مشھور هو تہ جڏهن کانئس پڇيو ويو تہ: ”ڇا تون شيطان سان نفرت ڪرين ٿي؟“ تہ جواب ڏنائين: ”نہ! ڇاڪاڻ جو آءٌ يادِ الاهيءَ ۾ ايتري تہ مصروف آهيان، جو مون کي شيطان جي باري ۾ سوچڻ جو موقعو بہ نٿو ملي“. ان سلسلي ۾ سندس وڌيڪ چوڻ هو تہ ”خدا کان پوءِ ٻئي ڪنهن سان عشق ڪرڻ جو مطلب ان کي خدا ڪري مڃڻ جي برابر آهي.“ ان بنياد تي ئي هن ”فنا في “ يعني محبوبِ حقيقيءَ سان عشق ۾ ذات جي فنا جو فلسفو ڏنو. شايد اهوئي سبب آهي، جو اسلامي دنيا جي هن خاتون مذهبي اڳواڻ، پاڻ کي خدا سان محبت واري جذبي ۾ ايڏو فنا ڪري ڇڏيو، جو هن تاحيات شادي نہ ڪئي. سندس وفات 801ع ڌاري بصري ۾ ٿي.


لفظ بيبي رابعہ بصريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو