
بيبي صغرا آپا
بيبي صغرا، آپا: مثالي عورت استادن منجهان آپا بيبي صغرا ڌيءُ غلام علي شاھہ بخاريءَ جو نالو سر فهرست آهي، بي بي صغرا 2 فيبروري 1918ع ۾ ابراهيم شاھہ جي پڙ حيدرآباد ۾ واقع حويلي سيد محمد شاھہ بخاريءَ ۾ پيدا ٿي. کيس ننڍي هوندي کان ئي پڙهڻ، لکڻ جو شوق هوندو هو، جيڪو کيس پنھنجي ڏاڏي ۽ پُڦيءَ کان ورثي ۾ مليو هو. سندس ڏاڏي ’بي بي ڀاڳل‘ 1891ع ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار وومين، حيدرآباد مان صوبي سنڌ جي پهرين مسلمان عورت جي حيثيت سان ٽيچرس ٽريننگ حاصل ڪئي ۽ تاريخ جو حصو بڻي. سندن پُڦي ’بيبي ڀاڳل‘ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار وومين حيدرآباد جي پهرين مسلم هاسٽل ميٽرن جي حيثيت سان ڪم ڪيو، پنھنجي گهر ۾ علمي ماحول ڏسي کيس بہ پڙهڻ لکڻ جو شوق پيدا ٿيو.
بيبي صغرا پنھنجي سموري تعليم ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج مان حاصل ڪئي. فائنل پاس ڪرڻ کانپوءِ هن پيشہ وراڻه زندگيءَ جو آغاز 1936ع ۾ بابا هاشم خواجہ اسڪول ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جي حيثيت سان ڪيو ۽ ڪجهہ عرصي کانپوءِ ٽيچرس ٽريننگ جي ڪورس ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي، ٻيهر وري بابا هاشم جي اسڪول ۾ واپس وڃي درس ۽ تدريس جو سلسلو شروع ڪيائين. هي هڪ محنتي ۽ ذهين استاد هئي. کيس ڇوڪرين/ڇوڪرن کي تعليم ڏيڻ جو تمام گهڻو شوق هو. سندس شوق ڏسي بابا هاشم کيس پنھنجي ڌيءَ بڻايو ۽ اسڪول جو انچارج بہ مقرر ڪيو. ان دوران بيبي صغرا جي محنت ۽ ذهانت جي شھرت ٿيڻ لڳي ۽ کيس شھر جي ٻين بھترين اسڪولن مان بہ نوڪري جون آڇون اچڻ لڳيون، بيبي صاحبہ سنڌي گرامر ۽ رياضيءَ ۾ مڪمل عُبور رکندي هئي، کيس مختلف هنرن ۾ بہ مهارت حاصل هئي. بابا هاشم جي اسڪول ۾ رهندي، بيبي صغرا خواجہ ڪميونٽي جي ڇوڪرين لاءِ بہ تعليم جي فروغ لاءِ ڪوششون ڪيون، تنهنڪري حيدرآباد جي اسماعيلي ڪميونٽي اڄ بہ سندس نالو نهايت ئي عزت ۽ احترام سان وٺندي آهي.
آپا بيبي صغرا 17 آڪٽوبر 1941ع کان مئي ’1942ع تائين ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار وومين ۾ ڪم ڪيو. ان کانپوءِ وري بابا هاشم خواجہ جي اسڪول ۾ تعليم ڏيڻ جي سلسلي کي جاري رکيائين. هڪ ڀيرو ٻيهر وري کيس ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج (وومين) ۾ آپا بدرالنساءِ جي جڳھہ تي 30 جولاءِ 1942ع ۾ مقرر ڪيو ويو. ڪاليج جي رڪارڊ مان معلوم ٿئي ٿو تہ بي بي صغرا کي ئي اهو اعزاز حاصل آهي، جو سندس تقرري لاءِ ليڊي سپرنٽينڊنٽ خود سفارش ڪئي. 13 مئي 1942ع تي کيس ڊي پي آءِ ۽ سنڌ الائونس ڏنو ويو، باصلاحيت استاد هئي، هوءَ نصابي سرگرمين کانسواءِ هم نصابي سرگرمين ۾ پڻ شاگردياڻين جي رهنمائي ڪندي هئي. هن ڪيترائي تقريري مقابلا، ڊراما، سبڻ ڀرت جا مقابلا ۽ ٻيا ڪيترائي پروگرام ترتيب ڏنا.
بيبي آپا صغرا پنھنجي پيشہ وراڻه زندگيءَ ۾ بہ تربيت ۽ تعليم حاصل ڪندي رهي، جڏهن تريننگ ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو مضمون لازمي ڪيو ويو تہ هوءَ بہ امتحان ۾ ويٺي. ان کانسواءِ ٽريننگ ڪاليج ۾ گرلز گائيڊ ’بلو برڊ‘ جي نالي سان شروع ٿي تہ ٽريننگ حاصل ڪيائين ۽ ڪاليج پڙهندڙ ڇوڪرين کي سکيا ڏيندي رهي. آپا بيبي صغرا 1966ع ۾ پاڪستان گرلز گائيڊ ايسوسيئيشن جي ڪوٺايل ٽريننگ پروگرام ۾ حصو ورتو ۽ ٽريننگ جي پڄاڻيءَ تي آرگنائيزنگ سيڪريٽري مسز عصمت نياز کيس تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنو. بيبي صغرا جي شاگردياڻين مان ڪيتريون ئي اڳتي هلي سنڌ جي نامور شخصيتون بڻيون. سندس شادي 1942ع ۾ سنڌ جي مشھور خاندان سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائي جي پڙپوٽي سيد ثابت علي شاھہ (ثالث) سان ٿي، جيڪو پڻ سرڪاري ملازم هو. سندس اولاد بہ تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل رهيو آهي.
بيبي صاحبہ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج جي هيڊمسٽريس جي عهدي تي ترقي حاصل ڪئي. 1976ع ۾ حيدرآباد ۾ فيميل سپروائيزر بڻي ۽ اتان رٽائرمينٽ ورتائين. بيبي صغرا 27 سيپٽمبر 1991ع ۾ هن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪيو.