
بيبي نور ڀريءَ جي مزار
بيبي نور ڀريءَ جي مزار: بيبي نور ڀري، دبگرن جي ذات مان وڏي نيڪ سيرت ۽ پهتل عورت هئي. سندس مـزار نـصـرپـور شهـر جي شاهي بازار جي ڇيڙي وٽ، مٽياري تـعلـقي ۾ آهي. مزار جي چوڌاري ڪچين سرن جي چوديواري ڏنل آهي. اندر ٻي بہ قبر آهي. جنهن بابت ڪا بہ معلومات ڪا نہ آهي. چوديواريءَ کي اوڀر کان دروازو آهي. روايتن موجب هن مزار جي ڀرسان ڪنهن وقت سنڌو درياھہ وهندو هو. هيءَ مزار مستطيل رٿ جي آهي. اوڀر ۾ لوهي دروازو ڏنل اٿس. ڪنڊن تي ڪاشيءَ جون ننڍيون ڪلنگيون ڏنل آهن. اڏاوت نئين ٿي ڏسجي، پاسن کان سيمينٽ جون ڄاريون ڏنل آهن.