بيت الحڪمت لائبرري

بيت الحڪمت لائبرري: سڪرنڊ شهر ۾ علم دوست، شخص مرحوم عبدالرحمان منگيي، هيءَ لائبرري 1980ع ۾ ذاتي شوق سان قائم ڪئي هئي. هن لائبرري ۾ عربي ۽ فارسيءَ جا سوين ۽ انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ جا هزارين ڪتاب آهن. فردوسيءَ جو شاهنامو ۽ ٻيا ڪيترائي قلمي نسخا به هن لائبرريءَ ۾ موجود آهن، جن ۾ ڏهه قلمي قرآن مجيد، تفسير جلالين، مدارڪ، تاريخ فرشته، فرائض الاسلام ۽ شرح اسماءُ الحسنيٰ قابل ذڪر آهن. عبدالرحمان منگيو صاحب 1980ع ڌاري وفات ڪري ويو ۽ هينئر سندس لائق فرزند محمد صديق منگيو لائبرريءَ جو نگران آهي. محمد صديق منگيو سنڌي ٻوليءَ جو نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ محقق آهي، جنهن جا ڪهاڻين ۽ تحقيق تي ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1980.00.00  عيسوي

بيت الحڪمت لائبرري: سڪرنڊ شهر ۾ علم دوست ، شخص مرحوم عبدالرحمان منگيي ، هيءَ لائبرري 1980ع ۾ ذاتي شوق سان قائم ڪئي هئي .



لائبرري - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بيت الحڪمت لائبرري
علويه لائبريري شڪارپور
دارالمطالعه مجدديه نقشبنديه لائبرري
شاهه لطيف لائبرري مٽياري
حيدرآباد سنڌ لا ڪاليج لائبرري
انڊيا آفيس لائبرري
پير سرهندين جي لائبرري
ساهتي لائبرري
راشديه لائبرري ٺلاهه
پنجاب پبلڪ لائبريري
لائبرري ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون