بيت المال: مال يا دولت جو گهر، پر شرعي اصطلاح ۾ ان جي معنيٰ مسلم رياست جو ”خزانو“ آهي. نبي سڳوري صلي ﷲ عليہ وسلم جي زماني ۾ بيت المال ڪنهن نہ ڪنهن صورت ۾ موجود هو، پر خزانو خالي رهندو هو، ڇوته جيڪو مال غنيمت، عطيي وغيرہ جي صورت ۾ ايندو هو، نبي سڳورا صلي ﷲ عليہ وسلم جن اصحابن ۾ ورهائي ڇڏيندا هئا. جمع ڪرڻ جي نوبت ئي نہ ايندي هئي جيڪڏهن ڪجهہ بچي پوندو هو تہ مسجد نبويءَ جي ڪُنڊ ۾ جمع ڪري ڇڏيندا هئا. نبي سڳوري صلي ﷲ عليہ وسلم جن کان پوءِ بيت المال ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. ٻئي خليفي حضرت عمر رضہ جي دؤر ۾ باقاعدي بيت المال جو ادارو قائم ٿيو ۽ ان جا قاعدا ۽ قانون ٺهيا. بيت المال ۾ عورتن، بيواهن ۽ يتيمن لاءِ خاص حصو مقرر هو. بيت المال جي ورهاست لاءِ هر قبيلي جو رڪارڊ ۽ جڳھہ الڳ الڳ هوندي هئي. ان کان سواءِ هر صوبي ۾ صوبائي آفيس هوندي هئي. انهن سڀني جو واسطو مرڪز سان هوندو هو. مرڪزي نگران کي ”صاحب بيت المال“ چيو ويندو هو. ”صاحب بيت المال“ جي اها بہ ذميواري هوندي هئي تہ هو رياست جي محصول جي وصولي ۽ ورهاست ڪري. بيت المال جو باقاعدي حساب ڪتاب رکيو ويندو هو. بيت المال مان ڪجهہ خرچ حڪومتي معاملن بابت بہ ڪيو ويندو هو. بيت المال جي آمدنيءَ جي ضمني ذريعن ۾ اهڙي جائيداد، جنهن جي مالڪ جو پتو نہ هجي، يا اهو مال، جيڪو چورن کان هٿ ڪيو ويو هجي؛ اها ملڪيت ۽ جائيداد، جيڪا شرعي وارثت کان پوءِ بچي پوي؛ ان جو ڏهون حصو بيت المال ۾ شامل ٿيندو هو. اهڙيءَ طرح هر دؤر ۾ بيت المال جا قاعدا ۽ قانون بدلبا ۽ بهتر ٿيندا رهيا. موجودہ دؤر ۾ پاڪستان سرڪار طرفان بيت المال قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ لاءِ بہ حصو رکيل آهي.