بيخود بلوچ

بيخود بلوچ

بيخود بلوچ

بيخود بلوچ: نوجوان شاعر، سندس اصل نالو فتح جسڪاڻي، هن جو جنم 14 آگسٽ 1971ع تي تعلقي پني عاقل جي ڳوٺ جمعي جسڪاڻيءَ ۾ ٿيو. هُن جو والد مرحوم نصر جسڪاڻي هڪ سچو سماجي ڪارڪن هو. 1996ع ۾ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان ايم. اي سنڌيءَ جي ڊگري ورتائين. سندس پهريون شعر 1988ع ۾ ماهوار ”الصادق“ ۾ ڇپيو ۽ سنڌي ادبي سنگت پنو عاقل سان 1990کان وابستہ آهي ۽ شاخ جو 3 دفعا سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. ان کان علاوہ (05-2004ع) ۾ س. ا. س ضلعي سکر جو رابطا سيڪريٽري بہ ٿيو. شاھہ لطيف فائونڊيشن جو تعلقي صدر ۽ ضلعي پريس سيڪريٽري بہ آهي. هُو مرحوم اظهر گيلانيءَ جي صحبت ۾ پڻ رهيو. 2007ع ۾ اظهر اڪيڊميءَ سنڌ جو سيڪريٽري پڻ ٿيو. بيخود بلوچ غزل جو سٺو شاعر آهي ۽ شاعريءَ جي ٻين صنفن تي بہ طبع آزمائي ڪئي اٿس. ڇپيل ڪتابن ۾: 1- درد ۽ امنگ دل ۾ (1995)، 2- ٻوليون لوليون ٻارن جون (1996)، 3- هوا ۾ ٻرياسين (2005) ۽ شامل آهن. جڏهن تہ ٻارن لاءِ شاعري جو ڪتاب ”جاڳو ٻاروڇپائي هيٺ اٿس. هن وقت هو ڳوٺ جمعي جسڪاڻيءَ تعلقي پني عاقل ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ بيخود بلوچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.08.14  عيسوي

بيخود بلوچ: نوجوان شاعر ، سندس اصل نالو فتح الله جسڪاڻي ، هن جو جنم 14 آگسٽ 1971ع تي تعلقي پني عاقل جي ڳوٺ جمعي جسڪاڻيءَ ۾ ٿيو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بھزاد لکنوي
بلوچ تاج
سودائي سومرو
حبدار سولنگي
حاجن ’سائل‘ ميمڻ
مراد فقير زنگيجو
سامي چئنراءِ لُنڊ
غلام محمد خانزئي
سروپچندر شاد
بشير منگي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون