بيدار مورائي

بيدار مورائي: سندس اصل نالو فتح الدين سومرو آهي. هو 5 فيبروري 1937ع تي موري شھر ۾ پيدا ٿيو. 1955ع ۾ مئٽرڪ فائينل جو امتحان ڏنائين ۽ پوءِ استاد مقرر ٿيو. هن وقت رٽائرڊ آهي. گهڻي ادبي ذوق سبب نہ صرف ڪتابن جو مطالعو ڪيائين، پر ڪافي ڪتاب بہ لکيائين. کيس سٺي نثر نگار طور سڃاتو وڃي ٿو. هو دادوءَ مان شايع ٿيندڙ رسالي ”اصلاح“ جوچيف ايڊيٽر پڻ رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”حقيقي ايمان 1938، روحاني زندگي 1966، حقيقي دوست 1960، ڇوٽڪارو 1961، چوڏهين صدي 1961، عشق جي پوکي 1963، جوڳي جاڳايوس 1965، ڪامياب زندگي 1969، برڪات تبليغ 1968، راھہ نجات 1969، دنيا دم گذر 1970، زهريلا ڏنگ 1970، مينگهہ ملهار 1971، گنجينئه حيات غفاريه (سوانح 1974)، سجاڳيءَ جو سڏ 1981، سُتا اُٿي جاڳ 1982، عشق حبيب 1980، دين جو درد 1981، رڻ ۾ ريهون 1983، زهر ڀري زندگي 1984، دهل وڄي، دوسو مڙي 1984، ديدار بازي 1984، حضرت سھڻا سائين (سوانح ٻہ ڀاڱا 86-1985، غنچئهِ غفاريه 1988، بھار بخشيه 1989، تحفته الطاهرين 1991، دوکي جي ديوار 1993، ظلم جي زنجير 1995، حقيقي علم 1995، هيڏا هاڃا ٿين 1996، لڪل لعل 1997، ماڻڪ موتي لال 1998، انڌو گهوٽ 1999، آئينو 1999، ڏورينديون ڏس (سفر نامو 1999)، بوستان طاهريه 2002، ملفوظات طاهريه 1996، ڪاملن جو ڪلام 1999، پيغمبر جي پيروي 1999، مڪتوبات نجيشه (سھڻا سائين جا خط 1985)، مقالات طاهريه 2002“ شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.02.05  عيسوي

بيدار مورائي: سندس اصل نالو فتح الدين سومرو آهي . هو 5 فيبروري 1937ع تي موري شهر ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

وينا شرنگي
عمرو بن حفص المهلبي
صالح عباسي
دائود شورو
سيد محمد ڪامل شاھہ
ڍڪڻ علي اڪبر ڊاڪٽر
اسحاق بلوچ
ابن النديم
حڪيم حبيب ﷲ بکري
گل محمد تنيو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون