بيدل دهلوي: بيدل دهلويءَ جو پورو نالو مرزا عبدالقادر بيدل دهلوي هو. نامور شاعر بيدل دهلويءَ جي پيدائش 1663ع تي عظيم آباد بهار ۾ شاهجهان بادشاهه جي دور ۾ ٿي. اورنگزيب عالمگير جي دور ۾ مغلن جي شهنشاهيت پنهنجي عروج تي هئي. مغل بادشاهن کان وٺي محمد شاهه رنگيلي تائين، هن سڀ ڪجهه اکين سان ڏٺو. مغليه سلطنت هن جي ڏسندي پستيءَ ڏانهن وڃي رهي هئي. هو پرهه جي ڏيئي وانگر ٽم ٽم ڪندو رهيو ۽ بهادر شاهه ظفر جي دور ۾ وسامي ويو. هن جي زندگيءَ جو گهڻو حصو دهليءَ ۾ گذريو ۽ هميسه دنيادارن کان الڳ رهندو هو. وڏا امير ۽ وزير خود سندس آستاني تي هلي ايندا هئا. شاعري ۾ سندس خاص انداز هو، خيال بندي“ سان گڏ عرفان ۽ تصوف کي پڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ قلمبند ڪيو اٿس. سندس تصنيفن ۾ (1) ديوان بيدل (2) مثنوي محيط اعظم (3) مثنوي طلسم حيرت (4) مثنوي گلگشت (5) مثنوي نور معرفت (6) نڪات بيدل، (7) دقعات بيدل ۽ (8) چهار عنصر بيدل موجود آهن. مٿين تصنيفن مان نڪات بيدل، رقعات بيدل، ديوان بيدل ۽ چهار عنصر بيدل هڪ هنڌ منشي نول ڪشور 1292هه/1875ع ۾ شايع ڪيا. موجوده دؤر ۾ ڪليات بيدل گهڻا دفعا مختلف ادارن مان شايع ٿي چڪي آهي. بيدل سوين خوبصورت غزل لکيا، پر هن پنهنجي رقعات، پنهنجي مثنويءَ ’چهار عنصر‘ ۽ ڪجهه رباعين ۾ انهن واقعن ڏانهن اشارو ڪيو آهي، جي هن جي دور ۾ رونما ٿيا، پر هو غالب وانگر نثر نويس نه هو ۽ پنهنجي وقت جي عڪاسي گهٽ ڪئي اٿائين. غالب وانگر هو ڪنهن بادشاهه يا وزير جي مدح سرائي به نه ڪندو هو. هو ته انهن کي شيطان وانگر سمجهندو هو. پنهنجي مثنويءَ ۾ چيو اٿائين: ايکه تعريف سلاطين کردهء مشقِ تعليم شياطين کردهء ترجمو: ”اڙي! تون جو بادشاهن جي ساراهه ڪرين ٿو، اهو سمجهه ته شيطان واري تعليم جي مشق ٿو ڪرين“. بيدل ڳالهير ۽ وڏ واتيو نه هو. غالب ۽ علامه اقبال ٻئي بيدل کان متاثر هوندا هئا، شيخ اياز به بيدل دهلويءَ کان متاثر هو ۽ سندس هيٺيان شعر کيس ڏاڍا پسند هوندا هئا. ساحل که اصلِ طينش او جوش تشنگي سِت درياست درکنار لبَش تر نمي شَوَد ”ڪناري جي سڀاوَ ۾ اها ڳالهه نه آهي ته هن جي اُڃ لهي سگهي. جيتوڻيڪ درياهه ان جي ٻَکَ ۾ آهي. ان جا چپ اڃايل آهن.“ (شيخ اياز جي ڪتاب: ”ڪَتن ڪر موڙيا جڏهن“ مان کنيل[.
عيسوي