بيدل دهلوي: بيدل دهلويءَ جو پورو نالو مرزا عبدالقادر بيدل دهلوي هو. نامور شاعر بيدل دهلويءَ جي پيدائش 1663ع تي عظيم آباد بھار ۾ شاھجھان بادشاھہ جي دور ۾ ٿي. اورنگزيب عالمگير جي دور ۾ مغلن جي شهنشاهيت پنھنجي عروج تي هئي. مغل بادشاهن کان وٺي محمد شاھہ رنگيلي تائين، هن سڀ ڪجهہ اکين سان ڏٺو. مغليه سلطنت هن جي ڏسندي پستيءَ ڏانهن وڃي رهي هئي. هو پرھہ جي ڏيئي وانگر ٽم ٽم ڪندو رهيو ۽ بھادر شاھہ ظفر جي دور ۾ وسامي ويو. هن جي زندگيءَ جو گهڻو حصو دهليءَ ۾ گذريو ۽ هميسه دنيادارن کان الڳ رهندو هو. وڏا امير ۽ وزير خود سندس آستاني تي هلي ايندا هئا. شاعري ۾ سندس خاص انداز هو، خيال بندي“ سان گڏ عرفان ۽ تصوف کي پڻ پنھنجي شاعريءَ ۾ قلمبند ڪيو اٿس. سندس تصنيفن ۾ (1) ديوان بيدل (2) مثنوي محيط اعظم (3) مثنوي طلسم حيرت (4) مثنوي گلگشت (5) مثنوي نور معرفت (6) نڪات بيدل، (7) دقعات بيدل ۽ (8) چهار عنصر بيدل موجود آهن. مٿين تصنيفن مان نڪات بيدل، رقعات بيدل، ديوان بيدل ۽ چهار عنصر بيدل هڪ هنڌ منشي نول ڪشور 1292ھہ/1875ع ۾ شايع ڪيا. موجودہ دؤر ۾ ڪليات بيدل گهڻا دفعا مختلف ادارن مان شايع ٿي چڪي آهي. بيدل سوين خوبصورت غزل لکيا، پر هن پنھنجي رقعات، پنھنجي مثنويءَ ’چهار عنصر‘ ۽ ڪجهہ رباعين ۾ انهن واقعن ڏانهن اشارو ڪيو آهي، جي هن جي دور ۾ رونما ٿيا، پر هو غالب وانگر نثر نويس نہ هو ۽ پنھنجي وقت جي عڪاسي گهٽ ڪئي اٿائين. غالب وانگر هو ڪنهن بادشاھہ يا وزير جي مدح سرائي بہ نہ ڪندو هو. هو تہ انهن کي شيطان وانگر سمجهندو هو. پنھنجي مثنويءَ ۾ چيو اٿائين: ايکه تعريف سلاطين کردهء مشقِ تعليم شياطين کردهء ترجمو: ”اڙي! تون جو بادشاهن جي ساراھہ ڪرين ٿو، اهو سمجهہ تہ شيطان واري تعليم جي مشق ٿو ڪرين“. بيدل ڳالهير ۽ وڏ واتيو نہ هو. غالب ۽ علامہ اقبال ٻئي بيدل کان متاثر هوندا هئا، شيخ اياز بہ بيدل دهلويءَ کان متاثر هو ۽ سندس هيٺيان شعر کيس ڏاڍا پسند هوندا هئا. ساحل که اصلِ طينش او جوش تشنگي سِت درياست درکنار لبَش تر نمي شَوَد ”ڪناري جي سڀاوَ ۾ اها ڳالھہ نہ آهي تہ هن جي اُڃ لھي سگهي. جيتوڻيڪ درياھہ ان جي ٻَکَ ۾ آهي. ان جا چپ اڃايل آهن.“ (شيخ اياز جي ڪتاب: ”ڪَتن ڪر موڙيا جڏهن“ مان کنيل[.
عيسوي