بيراڳي

بيراڳي: بيراڳي يعني ويراڳي، ويراڳ وارو. جنهن حرص هوس کان پاڻ کي پري ڪيو هجي ۽ ويراڳ ۾ هجي. عام مشهور معنيٰ ۾ فراق وارو، جنهن کي درد فراق لڳل هجي. بيراڳي هڪ فرقو پڻ هو، جنهن جو ذڪردبستان مذاهب“ جي مصنف هن ريت ڪيو آهي: ”بيراڳي تارڪ دنيا آهن ۽ وشنوءَ جي ساراهه جا سلوڪ سندن عبادت آهن. انهن سلوڪن کي ’بش پد‘ چئجي ٿو. تلسي مالا (تلسي جي تسبيح) سندن ڳچيءَ ۾ پيل هوندي آهي. انهن جا چار فرقا آهن: ’رامانج‘، ’نمائج‘، ’ماڌو آچارج‘ ۽ ’راڌا بلبي‘ (ولڀي). انهن منجهان ٻيا چار طبقا، جن منجهان ڪبير ڀڳت، جيڪو هند جي موحدن ۾ مشهور آهي. هي فرقو هندو ڌرم سان واسطو رکندڙ آهي. بيراڳي، سيلاني فقير هوندا آهن؛ سندن اڳواڻ ”وشنو“ ديوتا جي پوڄا ڪندا آهن؛ دنيا جي خواهش ۽ نفساني خواهشن کي ترڪ ڪندا آهن ۽ شادي نه ڪندا آهن. هنن جو گذران بِکيا تي هوندو آهي.


لفظ بيراڳيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو