بيربل

بيربل

بيربل

بيربَل: اڪبر بادشاھہ جو هڪ ڏاهو وزير، جيڪو مزاحيہ نُڪتن ۽ عقلي تجويزن ڪري مشھور هو. بيربل جو اصل نالو مهيش داس هو. هو ذات جو برهمڻ ۽ پيشي جي لحاظ کان ”ڀاٽ“ هو. غريبيءَ جي حالت ۾ مغل شهنشاھہ اڪبر وٽ پهتو. حاضر جوابيءَ ڪري، اڪبر بادشاھہ جي مصاحبن ۾ شامل ٿي ويو. هندي شعر بہ سٺا چوندو هو. پهرين ”ڪب راءِ“ (ڪوري راءِ) يعني ’ملڪ الشعراءِ‘ جو خطاب مليس، پوءِ اڪبر کيس پنج هزاري منصب ڏنو ۽ راجا بيربل بھادر جو خطاب ڏئي اميرن ۾ شامل ڪيائينس. هن جي دانشمنديءَ ۽ وفاداريءَ تي بادشاھہ کي پورو ڀروسو هوندو هو. سندس حوالي سان ڪيترائي ڏاهپ ڀريا قصا مشھور آهن.
اڪبر بادشاھہ ڪابل ۾ هو، جو هن ٻڌو تہ يوسف زئي علائقي ۾ فتنو پيدا ٿيو آهي. زين خان ڪوڪ کي فتنو بند ڪرائڻ لاءِ موڪليائين تہ راجا بيربل کي بہ ساڻس گڏي ڇڏيو. هيءُ فتنو انهيءَ علائقي ۾ پيدا ٿيو هو، جنهن کي هن وقت بونير (سوات جي ويجهو) چون ٿا. افغانن، دره ڪراڪڙ ۾ شب خون جي تياري ڪري ڇڏي هئي. بيربل کي ان جو بہ اطلاع ملي چڪو هو. هن زين خان سان مشوري ڪرڻ کان سواءِ ڪوچ جو حڪم ڏنو. شب خون ۾ گهڻو لشڪر مارجي ويو. مقتولن ۾ بيربل بہ شامل هو. اهو فيبروريءَ 1586ع جو واقعو آهي.


لفظ بيربلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1586.00.00  عيسوي

. شب خون ۾ گهڻو لشڪر مارجي ويو . مقتولن ۾ بيربل به شامل هو . اهو فيبروريءَ 1586ع جو واقعو آهي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ايوب فقير
پوراني ميرڪ سيد عبدالباقي
پلي، محمد عثمان
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
عدنان سميع
سترامداس ڪولهي پٽيل
چاڪر خان راڄڙ
ادا جعفري
چانڊيو سٻڙ خان
رتناگر شيرين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون