
بيربل
بيربَل: اڪبر بادشاھہ جو هڪ ڏاهو وزير، جيڪو مزاحيہ نُڪتن ۽ عقلي تجويزن ڪري مشھور هو. بيربل جو اصل نالو مهيش داس هو. هو ذات جو برهمڻ ۽ پيشي جي لحاظ کان ”ڀاٽ“ هو. غريبيءَ جي حالت ۾ مغل شهنشاھہ اڪبر وٽ پهتو. حاضر جوابيءَ ڪري، اڪبر بادشاھہ جي مصاحبن ۾ شامل ٿي ويو. هندي شعر بہ سٺا چوندو هو. پهرين ”ڪب راءِ“ (ڪوري راءِ) يعني ’ملڪ الشعراءِ‘ جو خطاب مليس، پوءِ اڪبر کيس پنج هزاري منصب ڏنو ۽ راجا بيربل بھادر جو خطاب ڏئي اميرن ۾ شامل ڪيائينس. هن جي دانشمنديءَ ۽ وفاداريءَ تي بادشاھہ کي پورو ڀروسو هوندو هو. سندس حوالي سان ڪيترائي ڏاهپ ڀريا قصا مشھور آهن.
اڪبر بادشاھہ ڪابل ۾ هو، جو هن ٻڌو تہ يوسف زئي علائقي ۾ فتنو پيدا ٿيو آهي. زين خان ڪوڪ کي فتنو بند ڪرائڻ لاءِ موڪليائين تہ راجا بيربل کي بہ ساڻس گڏي ڇڏيو. هيءُ فتنو انهيءَ علائقي ۾ پيدا ٿيو هو، جنهن کي هن وقت بونير (سوات جي ويجهو) چون ٿا. افغانن، دره ڪراڪڙ ۾ شب خون جي تياري ڪري ڇڏي هئي. بيربل کي ان جو بہ اطلاع ملي چڪو هو. هن زين خان سان مشوري ڪرڻ کان سواءِ ڪوچ جو حڪم ڏنو. شب خون ۾ گهڻو لشڪر مارجي ويو. مقتولن ۾ بيربل بہ شامل هو. اهو فيبروريءَ 1586ع جو واقعو آهي.
1586.00.00 عيسوي
. شب خون ۾ گهڻو لشڪر مارجي ويو . مقتولن ۾ بيربل به شامل هو . اهو فيبروريءَ 1586ع جو واقعو آهي .