بيرق

بَيرَقَ: جهنڊو. جهنڊي جو ڪپڙو. خاص نشان وارو جهنڊي جو ڪپڙو. لڙائيءَ لاءِ گڏ ٿيندڙ لشڪر جا سپاهي، پنھنجي سڃاڻپ لاءِ جدا جدا جهنڊا کڻي ايندا هئا، جن مان خبر پوندي هئي تہ هي جٿو ڪهڙي سردار جو آهي ۽ ڪهڙي علائقي جو آهي. ٻيڙياتا بہ پنھنجي ٻيڙن يا غورابن تي سڃاڻپ لاءِ جهنڊيون هڻندا هئا، جن کي بائنٽيون (وانئٽيون) ۽ ڌڄون وغيرہ چوندا هئا. اڄ ڪلھہ لانچن، ٻيڙين، گاڏين ۽ بسال وغيرہ تي جهنڊين يا ٻين ڪن اهڃاڻن ذريعي سڃاڻپ ڪرائي ويندي آهي.


لفظ بيرقھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو