بيرنگ بادشاھہ

بيرنگ بادشاھہ: سيد محمد اسماعيل المعروف ”بيرنگ بادشاھہ“ ولد سيد غلام شاھہ سن 1901ع ۾ ڳوٺ آرائين لڳ مدئجي، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. هو صوفي شاعر ۽ بزرگ ٿي گذريوآهي. ”بيرنگ بادشاھہ“ سنڌي تعليم پنھنجي ڳوٺ واري اسڪول ۾ ورتي. عربي ۽ فارسي ڳوٺ جندو ديري ۽ عرضي ڀٽي جي ديني مدرسن ۾ پڙهيو. روحاني فيض سائين سدمان شاھہ (تارڪ) رضوي، درگاھہ ڦلپوٽه لڳ ماهوٽا کان حاصل ڪيائين. جنهن کيس ”بيرنگ“ جو خطاب بخشيو. زندگيءَ جو ڪافي عرصو اتي رياضت ۽ مرشد جي خدمت ۾ گذاريائين.”بيرنگ بادشاھہ“ صوفياڻو ڪلام چيو آهي، هن پنھنجي شاعريءَ ۾ بيرنگ تخلص سان گڏ ”راز“ ۽ ”ڪٿي ڪٿي ”اسماعيل“ بہ استعمال ڪيو آهي. سندس ڪلام جو مجموعو قلمي صورت ۾ موجود آهي. جيڪو سندس ئي هٿن جو لکيل آهي. سندس اکر تمام سھڻا هوندا هئا. سندس اهو قول مشھور آهي تہ ”موت جي ياد قلب جو زندہ رهڻ آهي“. بيرنگ بادشاھہ راڳ جو شوقين هوندو هو. سڄي رات جاڳي جاڳي ويراڳ ۾ گذاريندو هو. نيم ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو ماهر هو. يڪتارو ۽ طبلو وڄائڻ جي سٺي ڄاڻ رکندو هو. ڪيڙا گيڙو رتا ۽ مٿي تي تاج وانگر ڊگهو ٽوپ پائيندو هو. هٿ ۾ بيراڳڻ يا ڪندري کڻندو هو. جنهن ۾ ڳاڙهو علم ٻڌل هوندو هو. هن ڪڏهن بہ ڪو مريد نہ ڪيو. البت سندس طالبن جو وڏو تعداد هو. پاڻ 11 نومبر 1944ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس آخري آرامگاھہ ڳوٺ آرائين تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ آهي. نموني طور سندس هڪ بيت هيٺ ڏجي ٿو:
ڪڍ بندياڻي بند مان تہ ماڳ وڃان موٽي،
وڃـي ويـــڙهـن وچ ۾ ڳــنڌيـان چـوٽـي،
نيت نہ رک کوٽي ڪڍ بندياڻي بند مان.


لفظ بيرنگ بادشاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو