بيساکي

بيساکي/ ويساکي: سنڌي هندن ۽ سکن جو هڪ ڏڻ، جيڪو هندن جي وڪرمي سال جي پهرئين مهيني، ويساک جي پهرينءَ تاريخ تي، هر سال ملهايو ويندو آهي. ائين کڻي چئجي تہ ويساکي ڄڻ تہ هندن جو نؤروز آهي. ٻھراڙيءَ جي علائقن جي ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ ويساکيءَ جو ميڙو وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. جيئن تہ انهيءَ مند ۾ پوکون پچي تيار ٿينديون آهن، هاري ناري بہ گهڻو ڪري واندا هوندا آهن، انهيءَ ڪري بيحد خوش هوندا آهن ۽ نچندا ٽپندا آهن. چون ٿا تہ سکن جي گرو، امرداس جي اجازت سان پهرين ويساکي 1529ع ۾ ملهائي وئي هئي. مهاراجا رنجيت سنگهہ پنھنجي تاجپوشيءَ جو جشن 1799ع ۾، ويساکيءَ جي ڏينهن تي ئي ملهايو هو. هندن ۽ سکن کي ڏسندي ڏسندي ڪيترائي ڳوٺاڻا مسلمان بہ اهو ڏينهن ملهائيندا آهن.


لفظ بيساکيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1529.00.00  عيسوي

چون ٿا ته سکن جي گرو ، امرداس جي اجازت سان پهرين ويساکي 1529ع ۾ ملهائي وئي هئي .


1799.00.00  عيسوي

اجازت سان پهرين ويساکي 1529ع ۾ ملهائي وئي هئي . مهاراجا رنجيت سنگهه پنهنجي تاجپوشيءَ جو جشن 1799ع ۾ ، ويساکيءَ جي ڏينهن تي ئي ملهايو هو .



مختلف - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بوجر2
چنڊ ڏسڻي ڪميٽي
جئہ هند ڪاليج سنڌي سرڪل بمبئي
پترائي
ايسٽ انڊيا ڪمپني
ٽئگزانامي
ڏڀلو ترائي
ٻڙھہ
دلاھہ ڦاٽ
عدت
مختلف ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون