بيسر نامو (ڪتاب ): عام زبان ۾ ’بينسر نامو‘ سڏبو آهي. صوفي شاھہ عنايت شھيد جي فارسي شعرن جو مجموعو آهي، جيڪو متبرڪ مخطوطي جي صورت ۾ درگاھہ تي موجود آهي. صوفي شاھہ عنايت شھيد جي سنڌي ڪلام جو پتو نہ پيو آهي، البت فارسيءَ ۾ سندس بيت موجود آهن. اهي بيت ڏوهيڙن جي نموني تي آهن ۽ سمورو ڪلام صوفياڻي متن تي مشتمل آهي. هيءُ قلمي نسخو، جهوڪ شريف ۾ صوفي شھيد جي گادي نشين وٽ محفوظ آهي.