بيعت رضوان: صلح حديبيه جي لاءِ ڳالھہ ٻولھہ دوران هڪ موقعي تي نبي سڳوري صلي ﷲ عليہ وسلم جن حضرت عثمان رضہ کي سفير ڪري موڪليو تہ افواھہ هُلي ويو تہ حضرت عثمان رضہ کي شھيد ڪيو ويو آهي. نبي سڳوري صلي ﷲ عليہ وسلم جن کي ڏک ٿيو ۽ پاڻ هيٺ لھي اچي اصحابن کان جان نثاريءَ جي بيعت وٺڻ لڳا. تاريخ اسلام جو اهو هڪ بيمثال واقعو آهي. انهيءَ کي ”بيعت شجره“ بہ چوندا آهن، ڇوته اها بيعت وڻ جي ڇانءَ ۾ ورتي ويئي هئي.