بيلدار: واهن ۽ رستن جي مرمت ۽ سنڀال ڪندڙ سرڪاري ملازم ، جيڪو ڪوڏر کڻي واهه جي ڪپن تي هلندو رهندو آهي ته جيئن ڪٿان ڪا روڻ نه پئجي وڃي . انهيءَ حالت ۾ يڪدم مرمت ڪري بند کي مضبوط ڪري ڇڏيندو آهي . رستن جي ڪنارن وغيره خراب ٿيڻ جي صورت ۾ انهن تي مٽي يا گاهه گند وجهندو آهي .