بيل گاڏي
بيل گاڏي
بيل گاڏي/ ڏاند گاڏي: بار برداريءَ لاءِ ڪاٺ جي گاڏي، جنھن کي ڍڳا/ ڏاند ڇڪي هلائين. عام طرح سان هيءَ گاڏي سڄيءَ دنيا ۾ رائج آهي، پر سنڌ جي اُتر ۽ لاڙ جي گاڏيءَ جي بناوت جدا جدا نموني جي ٿيندي آهي. اُتر ۾ عام طور ”ڏاند“ چون، انهيءَ لحاظ سان ڏاند گاڏي چوندا آهن. هن گاڏيءَ جا مکيه ٽي ڀاڱا آهن: ٺانٺو، چاڪ ۽ ڳن پاڃاري سوڌو. تختي ۾ ٻه پاٽيا ٻن پاسن کان، وچ ۾ تاڪيون هڻي ڌرو مڪمل ڪندا. گاڏيءَ ۾ ٻه چاڪ ٿيندا آهن. هرهڪ چاڪ جي وچ ۾ ٿلهو مضبوط ڌرو رکي، پاسي کان گولائيءَ ۾ ونگڙا آرا هڻي چاڪ ٺاهيندا آهن. چاڪ کي مضبوطيءَ لاءِ ٻاهران گول لوهي پَٽُ چاڙهيندا آهن. ڳن لاءِ گاڏيءَ جي وچ ۾ مضبوط ۽ ٿلهي ڊگهي ڪاٺي هڻي، ان جي منڍ ۾ پاڃاري هڻندا آهن، جنھن ۾ ڏاند (ڍڳا) ٻڌبا آهن، جيڪي گاڏيءَ کي ڇڪين. تختي کي ٻنهي پاسن کان چار چار اڏا هڻندا، جيڪي گاڏيءَ ۾ پيل مال، گاهه ۽ اَن وغيره جو جَهلو ڪن. هَر يا ڍڳي گاڏيءَ جي پاڃاريءَ ۾ لڳل ڪاٺيءَ کي ’ٿنڀري‘ چئبو آهي. هَر جي پاڃاريءَ جي پاسي واري ٿنڀري، ڪرهي ۽ لار کي ڳنڍڻ جو ڪم ڪندي آهي. اتر جي ڏاند گاڏيءَ جو اهو هوبھو ساڳيو نمونو پنج هزار سال اڳ موهن جي دڙي مان هٿ آيل ڏاند گاڏيءَ جُڌھڙو آهي، جنھن ۾ اڄ ڏينھن تائين ڪو فرق نه آيو آهي. بيل گاڏيءَ جو ٻيو نمونو لاڙ واري حصي ۾ هلندڙ آهي جنھن کي ڇڪڙو چوندا آهن. جنھن جي شڪل ۽ بناوت ۾ ٿورو فرق آهي. جيڪا پڻ سڄي ڪاٺ مان ٺھيل هوندي آهي. اُتر سنڌ واري بيل گاڏيءَ ۽ لاڙ واري ڇڪڙي ۾ فرق اهو آهي جو لاڙ واري ڇڪڙي جو ٺانٺو سڄو تختين سان جڙيل هوندو آهي. پاسن کان به سامان کي ڪرڻ کان بچاءَ لاءِ تختا هوندا آهن، جن کي بانڪڙا چوندا آهن. ٻيو فرق اهو آهي جو اُتر سنڌ جي ڏاند گاڏيءَ کان لاڙ جي ڏاند گاڏي ٻه فوٽ کن اُوچي هوندي آهي، انهيءَ حساب سان ان جا چاڪ به وڏا ٿيندا آهن. جيئن ته اُتر ۾ ڀاڳناڙي نسل جا ڏاند ننڍي قد جا ٿيندا آهن، انهيءَ لحاظ کان گاڏيون به ننڍيون ٺھنديون آهن، ان جي برعڪس لاڙ واري ڀاڱي ۾ ٿري ڍڳا وڏي قد جا هوندا آهن، تنھنڪري انهن جا ڇڪڙا به وڏا ٿيندا آهن.