بينجو
بينجو
بينجو (Benjo ):وڄتارو بنيادي طور ٻاهريون تاري ساز آهي جيڪو اولهه آفريڪا کان آمريڪا ۾ وڄايو وڃي ٿو. هن جو ٻيو قسم جپان ۾ ملي ٿو. ننڍي کنڊ ۾ هن کي ”بلبل ترنگ“ به چون ٿا.
پهريون قسم: هن جي ڳچي گٽار جيان آهي، پٺي کليل اٿس، ڌاتوءَ جي چڪر سان آوازي پٽ تي ميشو مڙهيل ٿئي. 17 هين صدي ۾ ويسٽ انڊيز جا غلام 18 صدي ۾ آمريڪا جا غلام ۽ 19 صديءَ ۾ آمريڪا جا گورا به هي ساز وڄائڻ لڳا. آمريڪا جي Country music and Jazz تائين پهچي ويو. هن جون قديم صورتون Akanting تان کنيل آهن.
ٻيو قسم: هي هن وقت سنڌ جو مقبول ساز آهي. هن جا آڪار تارن جي تعداد ۽ انهيءَ جي ماپي جي لحاظ کان ڪيترائي نمونا آهن، هن جون تارون ٻن مقصدن جون آهن. هڪڙيون آس جون ۽ ٻيون نغمگي جون آهن، جي سڌي طرح ڪليدي تاڪي جي هيٺان لنگهن ٿيون، تارن کي ڪليدي تختي کان مٿي رکڻ لاءِ تارون گهوڙن تان گذاربيون آهن. تختو ٻن نمونن جو ٿئي. هڪ هارمونيم جي ڪليدي تختي جهڙو ٻيو وري ٽائيپ رائيٽر جي چاٻين وانگر، هن جي آس واريون تارون گهڻو ڪري کرج ۽ پنچم تي رکيل هونديون آهن. بعضي آس جون تارون پتل يا ڪنجهيءَ جون به وجهجن ٿيون. هي ساز اڪيلو، يا گائيڪ سان سنگت طور وڄائي سگهجي ٿو. هن ساز جي مقبوليت جو وڏو سبب هن جي سستي قيمت ۽ وڄائڻ ۾ آساني آهي.
آفريڪي بينجي کي چار يا پنج تارون ٿين جي گهوڙيءَ تان گذاريل ٿين نالي ۾ Mbanzo ۽ Bandore به سڏجي.
چون ٿا ته Bandore لفظ اصل ۾ Bamber آهي ڇو ته هن ساز جو ڏندو بانس جو ٿئي. هاڻي ته برقي بينجو به ٺهيو آهي.
سنڌ ۾ هن جو ڪاريگر وڄائڻ وارو بلاول بيلجم هو. هن پنهنجي نموني جو ساز ٺهرايو هو. هن بينجو ٽي وي، ريڊيو تي وڄايو پر ملڪ کان ٻاهر به هن گهڻو نالو ڪمايو. هو ڪراچي جي شيدين مان هو.
هي ساز سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد ۾ وڄايو وڃي ٿو .