بين الاقوامي عدالت انصاف: هيءَ عدالت، اقوام متحدہ (گڏيل قومن) جو سڀ کان وڏو ۽ اهم حصو آهي. هر سال پهرينءَ جون تي، عالمي انصاف جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي، ڇو تہ بين الاقوامي انصاف جي عدالت انهيءَ تاريخ تي قائم ٿي هئي. هيءَ عدالت بين الاقوامي سطح تي مسئلن ۽ جهيڙن جو نبيرو ڪري ٿي، جنهن ۾ سڀئي موضوع شامل آهن. دنيا جي ڪابہ رياست جڏهن پنھنجي ڪنهن تنازعي کي هن عدالت جي سامهون آڻيندي آهي تہ هي عدالت پنھنجي دستور موجب، (جيڪو کيس گڏيل قومن طرفان ڏنل هوندو آهي) فيصلا ڪندي آهي. ”گڏيل قومن“ جو ڪو بہ ميمبر ملڪ هن عدالت جو در کڙڪائي سگهي ٿو. انهيءَ کان سواءِ خود سلامتي ڪائونسل بہ ڪو تڪراري مسئلو هن عدالت کي موڪلي سگهي ٿي ۽ جنرل اسيمبلي بہ هن عدالت کان مشورو طلب ڪري سگهي ٿي. هيءَ عدالت 15 ججن تي مشتمل ٿئي ٿي، جيڪي عدالت جا رڪن سڏبا آهن ۽ جن کي سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي جدا جدا راءِ شماريءَ ذريعي چونڊي مقرر ڪندي آهي. اهي جج پنهنجن عهدن تي نَوَن (9) سالن تائين خدمت انجام ڏيندا آهن. هن عدالت جو قيام هيگ شھر (هالنڊ) ۾ آهي. عدالت پنھنجي صدر ۽ نائب صدر جو انتخاب ٽن سالن لاءِ پاڻ ڪندي آهي ۽ ان جو عملو بہ پاڻ رکندي آهي. ڪارروائيءَ جي جلد اڪلاءَ لاءِ بين الاقوامي انصاف جي هيءَ عدالت هر سال گڏجاڻي بہ ڪرائيندي آهي. هيءَ عدالت سڀني جهڳڙن جو فيصلو بين الاقوامي قانون مطابق ڪندي آهي. عدالت جي سرڪاري زبان فرانسيسي ۽ انگريزي آهي، ليڪن ڪو فريق (ڌُر) ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ بہ ڳالهائي سگهي ٿو. هيءَ عدالت پنھنجي قيام کان وٺي هيل تائين خاص اختيارن نہ ملڻ ڪري، گهڻو مؤثر ڪردار ادا نہ ڪري سگهي آهي.