بين يا وينا
بين يا وينا (ساز ): هي قديم سنگيت جو ساز آهي. روايت موجب مهاديو پار پتي کان متاثر ٿي اهو ساز بنايو هو. ان جون چار شڪليون مشهور آهن: (1) دوربين، (2) ناردبين، (3) سور سوتي بين، (4) وچتر بين. هي ساز ٻن تنبن تي ڏانڊي لڳائي ٺاهيندا آهن. ڪنهن ۾ پردا به ٿين، ڪنهن ۾ پردا ڪو نه به ٿين. ڪنڌ جي ٽيڪ تي ڪڏهن فرش تي ٻئي تنبا جهلي رکي وڄائيندا آهن. هي ضرب آهي. هي ڏهن ئي آڱرين سان وڄائڻ جو ساز آهي. ساڄي هٿ جي چئن آڱرين ۾ مڇيءَ جي ڇلرن جهڙا ڇلڪا پائبا آهن جن کي مضراب چئبو آهي. بين ۾ اٺ تارون ۽ 19 پردا ٿين. سازن ۾ سڀ کان ڏکيو ساز بين ٿئي.
اتر هندستان جو قديم ساز آهي، جو ڪلاسيڪل موسيقيءَ ۾ به ڪم اچي. 6 صدي عيسويءَ ۾ هن جون تصويرون ملن ٿيون. پر هن جو ذڪر 500 ق. م ۾ ملي ٿو. ان ڪري سمجهبو ته ساز گهٽ ۾ گهٽ 2500 سالن کان هتي موجود هو. بين جي موجوده صورت اٽڪل 16 يا 17 صدي عيسوي کان بحال رهي آهي. هن جي ڳني يا ڏنڊو ڪاٺ جو پورو ٿئي. هڪ قسم ۾ 24 بند جڙيل ٿين. ڳٽي جي هيٺان ٻه تمبا لڳل آهن جي آواز ۾ گونج پيدا ڪن. اڪثر بينن ۾ 7 ۽ 8 تارون ٿين جن مان گهڻو ڪري چار بندن سان باقي
3 يا 4 آس هلائڻ لاءِ ٿين. گهڻو ڪري ستار جي بنسبت 5 کان 8 سر هيٺ ورتبي آهي. باوجود پنهنجي پسنديدگي جي به هينئر چند سٺا وڄائڻ وارا وڃي رهيا آهن .