بيٺ

بيٺِ: سندرو، ڪمرپٽو، جنهن ۾ خنجر يا تلوار ٻڌجي. گذريل دور ۾، جڏهن هر ماڻهو چيلھہ ۾ تلوار ٻڌندو هو، تہ اُن لاءِ بيٺ ٻڌڻ ضروري هئي. چيلھہ ۾ تلوار ۽ ڪمرپٽي ۾ خنجر مياڻ سميت هڻي ڇڏيندا هئا. خاص طرح بيٺ ۾ ناڻي جي همياڻي بہ ٻڌندا هئا، پر اُها ڪمرپٽي جي اندران لڪائي هڻبي هئي. چوڻي آهي تہ ”ڪاتي سون جي هجي تہ بيٺ ۾ هڻبي، پيٽ ۾ ڪانہ هڻبي“.


لفظ بيٺھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو