بيگاري

بيگارِي: اتر سنڌ جو هڪ مشھور واھہ آهي. ”بيگاري واھہ“ شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعن وچان وهي ٿو. هي واھہ درياھہ جي هڪ پراڻي وهڪري تي هجڻ سبب سڄو ورن وڪڙن ۾ آهي. درياھہ کان وٺي ڳڙهي خيرو ويجهو شيرانپور ٿھيم تائين بيگاري واھہ جي ڏکڻ طرف شڪارپور ضلعو ۽ اتر پاسي جيڪب آباد ۽ ڪشمور ضلعا آهن ۽ اهو انگريز دؤر کان وٺي تاريخي دنگ آهي. هي واھہ انگريزن جي شروعاتي دؤر ۾ بيگار تي کوٽايو ويو هو، تنھن ڪري بيگاري جي نالي سان مشھور ٿيو.


لفظ بيگاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو