بيگاري بند: سال 1874ع ۾ سنڌوءَ جي ٻوڏ سبب جيڪب آباد ڇانوڻيءَ کي نقصان پهتو، ان کان سواءِ سکر ۽ لاڙڪاڻي ضلعن کي بہ نقصان پهتو. ان وقت سکر ۽ لاڙڪاڻو ضلعا قائم نہ ٿيا هئا. سکر شھر کي هميشہ خطرو رهندو هو. ان ڪري بيگاري واھہ جي مُنهن کان ڪشمور تائين ڇھہ ميل مٿڀرو بند تعمير ڪيو ويو ۽ لوپ بند، سکر تائين تعمير ڪيو ويو، جيڪو 1879ع ۾ پورو ٿيو. هن بند ٻڌڻ لاءِ سنڌ جي مختلف جيلن مان گهڻا قيدي گهرايا ويا هئا، جن رات ڏينهن هڪ ڪري بند ٻڌڻ ۾ مدد ڪئي هئي. انهيءَ ڪري هيءُ بند ”بيگاري بند“ جي نالي سان مشھور ٿيو. سنڌ ۾ سال 1942ع ۾ بيگاري بند ڀڄڻ سان جيڪا ٻوڏ ٿي هئي، ان جي تفصيل لاءِ ڏسو ”ٻوڏ“ جو عنوان.
بيگاري بند ڀڄڻ: جيئن تہ سنڌو درياھہ ۾ هميشہ اونهاري جي موسم ۾ ڪجهہ وقت لاءِ پاڻي ۾ چاڙھہ ايندو آهي، جنهن کي آبپاشي کاتي وارا آبڪلاڻيءَ جي موسم چوندا آهن، جيڪا هر سال مئي مهيني کان شروع ٿي آڪٽوبر مهيني جي پهرئين هفتي ۾ ختم ٿيندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن پاڻي تمام گهڻو ايندو آهي. درياھہ جي ٻنهي پاسي وارن بندن تي پاڻيءَ جو گهڻو زور رهندو آهي، جنهنڪري آبپاشي کاتي جا آفيسر بندن تي پئٽرولنگ ڪرائڻ شروع ڪندا آهن تہ جيئن ڪنهن بہ جاءِ تان بند کي ڪوبه گهارو نہ پوي ۽ سنڌ ۾ درياھہ جي ٻنهي پاسن کان ڪوبه ٻوڏ جو مسئلو نہ ٿئي، ڇاڪاڻ تہ ٻوڏ اچڻ ڪري گهڻو نقصان ٿيندو آهي. سال 1942ع ۾ بہ اهڙوئي بندوبست ٿيل هو. بندن تي پئٽرولنگ ٿي رهي هئي، مگر اوچتو 21 جولاءِ 1942ع تي سکر ضلعي جي چڪ شھر کان درياھہ جي ساڄي پاسي واري بند کي هڪ گهارو پئجي ويو. پهريائين تہ ان وقت جي انجنيئرن گهڻي ڪوشش ڪئي تہ ان گهاري کي بند ڪجي، مگر هيءُ گهارو ڪنهن ننڍي واھہ کي ڪونه لڳو هو جو اهو هڪدم بند ٿئي. 1942ع ۾ اهڙو جديد مشينري دور بہ ڪونه هو، جو انهن کي استعمال ڪجي. آخر گهڻيءَ ڪوشش کان پوءِ سڀ آفيسر ماٺ ڪري ويهي رهيا. آخر درياھہ جو گهارو هو! درياھہ ۾ ان وقت پاڻي بہ گهڻو اچي ويو هو، جنهنڪري ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي. سنڌ جي ساڄي پاسي وارن سڀني ماڻهن کي ٻوڏ اچڻ جو خطرو ٿيو ۽ گهڻو هراس پکڙجي ويو. پاڻي گهڻي زور سان وهڻ شروع ٿي ويو، ايتري قدر جو درياھہ جو اڌ پاڻي هن گهاري مان وهي هليو. تڏهن سنڌو درياھہ تي صرف هڪ بئراج ٺهيل هو، جيڪو سکر بئراج هو، جنهن ڪري درياھہ جو سمورو پاڻي، مُنڍ کان وٺي سکر تائين ايندو هو. ان کي مٿي ڪابہ رڪاوٽ ڪانہ هئي. سنڌ جي ساڄي پاسي وارن سڀني شهرن ۽ ڳوٺن لاءِ ٻوڏ جو خطرو ٿي ويو. هرهڪ ماڻهو بچاءَ خاطر لڏپلاڻ ۾ شروع ٿي ويو. ٻوڏ جو پاڻي اتر طرف درياھہ مان نڪرندڙ سنڌو واھہ سان وڃي لڳو ۽ ڏکڻ طرف، سکر بئراج مان نڪرندڙ ٽن واهن دادو ڪئنال، رائيس ڪئنال ۽ کيرٿر ڪئنال سان وڃي لڳو. انهيءَ وچ ۾ جيڪي بہ ننڍا وڏا ڳوٺ ۽ شھر هئا، ٻوڏ هيٺ اچي ويا. لکي غلام شاھہ بہ ٻڏي ويو. باگڙجي شھر ڀرسان، ٽنهي مٿين واهن کي هٿرادو گهارا ڏنا ويا تہ جيئن پاڻي واپس درياھہ ۾ وڃي، پر ان ۾ بہ ايتري گهڻي ڪاميابي نہ ٿي ۽ پاڻيءَ جو زور اولھہ طرف گهڻو ٿي ويو؛ يعني شڪارپور ۽ ڳڙهي ياسين طرف ريلوي لائين، جيڪا رڪ جنڪشن کان سکر ويندي هئي، ٻوڏ هيٺ اچي وئي ۽ رڪ کان جيڪب آباد- ڪوئيٽا طرف ويندڙ ريلوي لائين بہ ٻوڏ هيٺ اچي وئي، جنهن ڪري روهڙيءَ کان ڪوئيٽا ۽ لاڙڪاڻي طرف ريلوي گاڏين جو هلڻ بند ٿي ويو. ٻوڏ کان پوءِ رڪ جنڪشن ريلوي اسيشن کي بند ڪري 1946ع ۾ سکر کان سڌي نئين ريلوي لائين ٺاهي، حبيب ڪوٽ کي جنڪشن اسٽيشن ڪيو ويو، جيڪا اڄ تائين موجود آهي.
ٻوڏ جو پاڻي سنڌ ڪئنال ۽ کيرٿر ڪئنال جي وچ ۾ وهي رهيو هو، جيڪو ويڪر ۾ اٽڪل 15 ميل هو. ان وقت جي آفيسرن، سياسي ليڊرن ۽ شھري ماڻهن شڪارپور جي شھر کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي. سنڌ واھہ شڪارپور شھر کان ڏکڻ طرف ٻہ ميل پري آهي، جنهن ڪري سنڌ واھہ جا ڪپر مضبوط ڪيا ويا ۽ شڪارپور جو شھر ٻڏڻ کان بچي ويو. کيرٿر ڪئنال، جنهن کي N.W ڪئنال بہ چوندا آهن، ٻين ٻن واهن، رائيس ڪئنال ۽ دادو ڪئنال کان رڪڻ جي ڳوٺ کان الڳ ٿي، اتر طرف يعني ڳڙهي ياسين شھر کان گذري، صوبي بلوچستان ۾ ويندو آهي. رائيس ڪئنال ۽ دادو ڪئنال، سکر کان اولھہ طرف ويندا آهن. رڪڻ کان کيرٿر ڪئنال مان هڪ ٻيو وڏو واھہ، وارھہ برانچ نڪرندو آهي، جيڪو اولھہ طرف مدئجي، بنگل ديري، ميري خان، حاڪم شاھہ پٽ واري جي درگاھہ کان دوست علي ۽ وارھہ شھر ڏانهن ويندو آهي. جنهن وقت ٻوڏ جو پاڻيءَ سنڌ ڪئنال سان وهي رهيو هو ۽ شڪارپور جو شھر ٻوڏ کان بچي ويو تہ ان کان پوءِ وري ڳڙهي ياسين شھر کي خطرو ٿيو، پر جيئن تہ سنڌ واھہ اوڀر کان اولھہ طرف اچي ٿو ۽ ان جي پڇڙيءَ مان هڪ ٻيو مونگر واھہ نڪري ٿو، اهو بہ اولھہ طرف وهندو آهي ۽ اهو واھہ ڳڙهي ياسين شھر کان ڏکڻ طرف ٻہ ميل پري آهي، جنهن ڪري ڳڙهي ياسين وارن پٺاڻ زميندارن ۽ هندو سيٺين ان مونگر واھہ کي مضبوط جهليو ۽ کيرٿر ڪئنال کي مونگر واھہ کان ڏکڻ طرف وڏا ڪٽ ڏنا، جنهن ڪري پاڻيءَ کي رستو ملي ويو ۽ ان بعد پاڻي رتيديري، ڊکڻ، ميري خان ۽ شھدادڪوٽ طرف رخ ڪيو. انهيءَ وچ ۾ جيڪي بہ ڳوٺ ۽ ماڻهن جا فصل هئا، اهي سمورا ٻوڏ هيٺ اچي ويا. اُتي جا ماڻهو لڏي، بچاءَ وارن هنڌن تي وڃي ويٺا. ٻوڏ جو پاڻي، هاڻي ڏکڻ وارھہ ڪئنال سان هو ۽ اتر طرف شھدادڪوٽ برانچ سان وڃي لڳو، جيڪو ويڪر ۾ اٽڪل 20 ميل مفاصلو هو. جيئن تہ پاڻيءَ جو وهڪرو تيز هو، ان ڪري ننڍا وڏا شهر، ڳوٺ ۽ زمينون ٻوڙيندو، شھدادڪوٽ شھر ڏانهن وڃي رهيو هو. هر طرح جي آمدرفت بند ٿي وئي. ريل گاڏيون يا لاريون، جيڪي ڪچن رستن سان هلنديون هيون، سي پڻ بند ٿي ويون. هرهڪ ماڻهو پريشان ۽ سر بچائڻ ۾ لڳو پيو هو. ٻوڏ جي پاڻيءَ، ڊکڻ شھر ۽ رتيديري کي ٻوڙي، ميري خان، بھرام ۽ شهداڪوٽ کي وڃي ٻوڙيو. اهي تہ هئا وڏا شهر، باقي انهيءَ ٻوڏ ۾ تمام گهڻا ننڍا ڳوٺ اچي ويا هئا. لاڙڪاڻي کان جيڪب آباد ريلوي لائين بہ بھرام ۽ شھدادڪوٽ جي وچ ۾ ٻڏي وئي، جنهن ڪري آمدرفت لاءِ اهو رستو بہ بند ٿي ويو. شھر جي اتر اولھہ طرف واريءَ جون وڏيون ڊٻون هيون، جنهن ڪري شھدادڪوٽ شھر جو اهو پاسو ٻوڏ کان بچي ويو. باقي شھر جو 75 سيڪڙو ٻڏي ويو هو. شھدادڪوٽ شھر کان پوءِ وري پاڻيءَ جو رخ ڏکڻ طرف ٿيو، جو زمين جو لاھہ انهيءَ طرف آهي. چڪ شھر کان شھدادڪوٽ شھر تائين پاڻيءَ جو رُخ اولھہ طرف هو ۽ هاڻي وري هتان رخ تبديل ڪري ڏکڻ طرف ٿيو؛ يعني وارھہ، ميهڙ، خيرپورناٿن شاھہ، دادو، جوهي، سيد آباد'>ڀان سيد آباد ۽ بوبڪ طرف. جيئن تہ پاڻي اتر طرف، شھدادڪوٽ شھر تائين هو ۽ ڏکڻ طرف هاڻي قنبر شھر کان ٻہ ميل پري نورواھہ سان اچي لڳو. بھرام شھر ۽ ريلوي اسٽيشن ٻوڏ ۾ هئي. قنبر شھر جي زميندارن ۽ ٻين ماڻهن نورواھہ جو بند جهليو، جنهن ڪري قنبر شھر ٻڏڻ کان بچي ويو ۽ هاڻي پاڻي دوست علي کي ٻوڙي، وارھہ طرف وهڻ شروع ڪيو. وارھہ جي شھر کي بہ وڏو بند ٻڌايو ويو، جنهن ڪري اهو شھر بہ بچي ويو. ان بعد پاڻي وارھہ کان گاجي کهاوڙ وارو رستو ٻوڙي، گاجي کهاوڙ طرف روانو ٿيو. گاجي کهاوڙ شھر کان اولھہ طرف بچاءَ بند حمل شھر وٽ آهي؛ پاڻي وڃي ان سان لڳو. اتي، انهيءَ جاءِ کان پاڻيءَ جي ويڪر ويھہ ميل هئي. گاجي کهاوڙ جو شھر ٻڏي ويو. هتان جا هندو ۽ مسلمان لڏي ويا. ڪيترا ماڻهو پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ۽ زمينن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. گهڻا ماڻهو ان ۾ ڪامياب بہ ويا ۽ انهن پنهنجا ڳوٺ ۽ فصل وغيرہ بچائي ورتا، انهن مان وارھہ تعلقي مان وڏيرو محمد عالم خان ڦلپوٽو، سردار علي محمد خان ڪانڌڙو، حاجي غلام نبي خان جلباڻي ۽ وڏيرو احمد خان ڏيپر شامل هئا. انهن ماڻهن وڏي همٿ ڪئي ۽ پاڻيءَ کي بند ٻڌرائي پنهنجو بچاءُ ڪيو. انهن جا ڳوٺ ۽ فصل ٻوڏ کان محفوظ رهيا. ٻوڏ جي پاڻيءَ جو رخ هاڻي ڏکڻ طرف يعني ميهڙ، خيرپورناٿن شاھہ، ڪڪڙ، دادو ۽ جوهيءَ طرف هو. انهيءَ وچ ۾ جيڪي وڏا يا ننڍا واھہ ۽ بند آيا، انهن کي گهارا ڏيئي پاڻيءَ کي رستو ڏنو پئي ويو. ٻيٽي جي جتوئي زميندارن ۽ ميهڙ جي هندو سيٺين، ڇيڙون وٺي وڏا بند ٻڌائي، ميهڙ شھر کي ٻُڏڻ کان بچايو. هاڻي خيرپورناٿن شاھہ طرف پاڻيءَ جو زور هو ۽ پاڻي خيرپور ناٿن شاھہ، ٻورڙي، خانپور ۽ ڪڪڙ جا شھر ٻوڙيندو پئي ويو. هتي بہ اوڀر کان اولھہ طرف پاڻيءَ جي ويڪر 18- 20 ميل هئي. انهيءَ وچ ۾ جيڪي بہ ننڍا وڏا ڳوٺ آيا، اهي سڀ ٻڏي ويا. حڪومت دادوءَ شھر کي بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، ڇاڪاڻ تہ هيءُ ضلعي هيڊڪوارٽر جو شھر هو. شھر کي اولھہ طرف کان وڏو بند ڏنو ويو ۽ دادوءَ جو شھر ٻڏڻ کان بچي ويو. دادوءَ کان اولھہ طرف جوهي شھر تائين پاڻي هو. جوهي شھر جي اولھہ طرف بچاءُ بند آهي، ان بند سان پاڻي وڃي لڳو. جوهيءَ جو شھر ٻڏي ويو ۽ هاڻي پاڻيءَ جو رُخ بوبڪ شھر ڏانهن هو. پاڻي، ڀان سعيد آباد ۽ ڳوٺ ميرمحمد سهڙو ٻوڙي وڃي بوبڪ شھر سان لڳو. بختيارپور، آراضيءَ جو شهر، بوبڪ ريلوي اسٽيشن ۽ ٽنڊو شهبازي ٻڏي ويا. پاڻيءَ جو رُخ ان بعد وري اتان اوڀر طرف درياءُ ڏانهن ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اتان ڏکڻ طرف پهاڙي علائقو هو، جيڪو مٿي هو، ان ڪري پاڻي ٽلٽيءَ ۽ ڪرم پور جا ڳوٺ ٻوڙي وڃي واپس درياھہ ۾ پيو. اتان بہ دادو- ڪوٽڙي ريلوي لائين جو بند ٻڏي ويو، جنهن ڪري گاڏين جو اچڻ وڃڻ بند ٿي ويو. ريلوي بند کي وڏا گهارا پئجي ويا، جتان بہ پاڻي ريلوي لائين کي نقصان ڪيو. بعد ۾ انهن هنڌن کان ريلوي کاتي وارن ريلوي بند ۾ وڏيون ڊگهيون پليون ٺهرائي ڇڏيون، جيڪي هن وقت بہ ٽنڊي شهبازيءَ جي ڀرسان آهن. اهڙيءَ طرح درياھہ جي ٻوڏ جو پاڻي، چڪ شھر کان 21 جولاءِ 1942ع تي هلي اولھہ ۾ شڪارپور، لاڙڪاڻو ۽ دادو ضلعا ٻوڙي، آڪٽوبر 1942ع جي پهرئين هفتي ۾ وڃي ساڳيو ٽلٽيءَ جي شھر کان سيوهڻ ڀرسان درياھہ ۾ پيو. ان سال ساريالو فصل ٻوڏ هيٺ اچي ويو هو؛ گهر ڊهي پيا هئا؛ شھر ۽ ڳوٺ خالي ٿي ويا هئا، جنهن ڪري هرهڪ ماڻهوءَ کي، ڀلي اهو زميندار هو، يا هاري، وڏو نقصان ٿيو.
1847.00.00 عيسوي
بيگاري بند: سال 1874ع ۾ سنڌوءَ جي ٻوڏ سبب جيڪب آباد ڇانوڻيءَ کي نقصان پهتو ، ان کان سواءِ سکر ۽ لاڙڪاڻي ضلعن کي به نقصان پهتو . ان وقت سکر ۽ لاڙڪاڻو ضلعا قائم نه ٿيا هئا .
1879.00.00 عيسوي
بيگاري واهه جي مُنهن کان ڪشمور تائين ڇهه ميل مٿڀرو بند تعمير ڪيو ويو ۽ لوپ بند ، سکر تائين تعمير ڪيو ويو ، جيڪو 1879ع ۾ پورو ٿيو . هن بند ٻڌڻ لاءِ سنڌ جي مختلف جيلن مان گهڻا قيدي گهرايا ويا هئا
1942.00.00 عيسوي
سنڌ ۾ سال 1942ع ۾ بيگاري بند ڀڄڻ سان جيڪا ٻوڏ ٿي هئي ، ان جي تفصيل لاءِ ڏسو ” ٻوڏ “ جو عنوان .
1942.07.21 عيسوي
اوچتو 21 جولاءِ 1942ع تي سکر ضلعي جي چڪ شهر کان درياهه جي ساڄي پاسي واري بند کي هڪ گهارو پئجي ويو .
1942.10.07 عيسوي
اهڙيءَ طرح درياهه جي ٻوڏ جو پاڻي ، چڪ شهر کان 21 جولاءِ 1942ع تي هلي اولهه ۾ شڪارپور ، لاڙڪاڻو ۽ دادو ضلعا ٻوڙي ، آڪٽوبر 1942ع جي پهرئين هفتي ۾ وڃي ساڳيو ٽلٽيءَ جي شهر کان سيوهڻ ڀرسان درياهه ۾ پيو .