بيگم آغا خان

بيگم آغا خان

بيگم آغا خان

بيگم آغا خان: اسماعيلي جماعت جي اٺيتاليهين امام ۽ موجودہ آغاخان شاھہ ڪريم الحسينيءَ جي ڏاڏي سر سلطان محمد شاھہ (آغاخان ٽيون) جي چوٿين ۽ آخري بيگم، جنهن جو اسلامي نالو ”اُم حبيبہ“ رکيو هئائون. هوءَ ڏکڻ فرانس جي رياست ”ويٽ بلينچ بيبريس“ ۾ فيبروري 1906ع ڌاري ڄائي هئي. آڪٽوبر 1946ع تي سندس شادي سر سلطان محمد شاھہ، (آغا خان ٽئين) سان ٿي. هن خاتون هز هائينيس آغاخان ۽ اسماعيلي جماعت جي ايتري تہ خدمت ڪئي جو هزهائينيس مٿس راضي ٿي، کيس جماعت جي ”ماتا سلامت“ جو خطاب ڏنو هو. اهو خطاب کانئس اڳ، هز هائينيس آغا خان جي والدہ ماجده کي مليل هو. 1957ع ۾ آغا خان ٽئين جي وفات کان پوءِ اسوان (مصر) جي ماڻهن، بيگم اُم حبيبہ کي سندس خاوند جي مقبري تي روزانو گلن جي ورکا ڪندي ڏٺو. بيگم اُم حبيبہ ”مِس فرانس“ بہ رهي چڪي هئي. پاڻ پهرين جولاءِ 2000ع تي وفات ڪيائين. سندس خواهش موجب کيس سندس خاوند هز هائينيس آغاخان ٽئين جي ڀر ۾ اسوان شھر ۾ نيل نديءَ جي ڪناري تي دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1906.00.00  عيسوي

بيگم آغا خان: جنهن جو اسلامي نالو ” اُم حبيبہ “ رکيو هئائون . هوءَ ڏکڻ فرانس جي رياست ” ويٽ بلينچ بيبريس “ ۾ فيبروري 1906ع ڌاري ڄائي هئي .


2000.07.01  عيسوي

بيگم آغا خان: پاڻ پهرين جولاءِ 2000ع تي وفات ڪيائين . سندس خواهش موجب کيس سندس خاوند هز هائينيس آغاخان ٽئين جي ڀر ۾ اسوان شهر ۾ نيل نديءَ جي ڪناري تي دفن ڪيو ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بدر الدين زاهدي
الطاف سومرو
ڀاسڪر آچاريه
اسحاق فقير ڪارو مڱڻهار
سيد صلاح الدين شاھہ
پيرزادو غوث محمد گوهر
اختر مرزا
روشن آرا مغل
محمد بخش سميجو
راڄپر عبدالحڪيم سرائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون