بيگم حسن آرا: نامور سياسي، سماجي ڪارڪن ۽ تحريڪ پاڪستان جي رهنما بيگم حسن آرا 22 جون 1887ع تي برٽش گيانا (سائوٿ آمريڪا) ۾ جنم ورتو. هوءَ بيگم ايڇ. اي حڪيم جي نالي سان پڻ سڃاتي ويندي هئي. سندس والد جو نالو گل محمد خان هو. هن 1927ع ۾ مسلم اينگلو اورينٽل گرلز اسڪول قائم ڪيو. بنگال ويمن ايجوڪيشن ليگ ڪلڪتي جي ميمبر رهي. 1927ع کان 1943ع تائين ڪلڪتي جي اعزازي مئجسٽريٽ پڻ رهي. هو ويمن سب ڪميٽي ڊسٽرڪٽ مسلم ليگ جي چيئرپرسن ۽ 1946ع ۾ بنگال ليجسليٽو اسيمبلي به رهي. هن 30 آڪٽوبر 1995ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.
1887.06.22 عيسوي
نامور سياسي، سماجي ڪارڪن ۽ تحريڪ پاڪستان جي رهنما بيگم حسن آرا 22 جون 1887ع تي برٽش گيانا (سائوٿ آمريڪا) ۾ جنم ورتو.
1995.10.30 عيسوي
بيگم حسن آرا 30 آڪٽوبر 1995ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.