بيگم رعنا لياقت علي

بيگم رعنا لياقت علي

بيگم رعنا لياقت علي خان

بيگم رعنا لياقت علي خان: بيگم رعنا، الموڙه (يوپي) جي سرسبز پهاڙين جي دامن ۾ جنم ورتو. سندس تعلق سکن جي هڪ گهراڻي سان هو. ابتدائي تعليم ويلزلي گرلس اسڪول نيني تال مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ اسابيلا شھر برهاني اسڪول ۽ لکنؤ ڪاليج مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. اعليٰ تعليم يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪري، دهليءَ جي گرلز ڪاليج ۾ اقتصاديات جي استاد مقرر ٿي. 1934ع ۾ سندس شادي نواب زادہ لياقت علي خان سان ٿي. بيگم لياقت علي خان پنھنجي مڙس جي ڪمن ۾ هٿ ونڊائيندي هئي. مسلم ليگ آفيس جو ڪم بيگم رعنا ۽ شمس الحسن جي ذمي هو. وومين مسلم ليگ دهليءَ طرفان جڏهن انڊسٽريل هوم ۽ هڪ خواتين لائبرري قائم ڪئي ويئي، تہ ان جو افتتاح بيگم رعنا پنهنجن هٿن سان ڪيو. 1946ع ۾ دهليءَ ۾ لارڊ مائونٽ بيٽن وائسراءِ هندستان ٿي آيو تہ بيگم رعنا، ليڊي مائونٽ بيٽن ۽ سندس صاحبزادي پاميلا مائونٽ بيٽن جي پنھنجي جاءِ تي دعوت ڪئي، تہ جيئن مسلم ليگي عورتون ليڊي مائونٽ بيٽن کي ٻہ قومي نظريي ۽ قيام پاڪستان جي اهميت کان واقف ڪن. ان ملاقات جو ليڊي مائونٽ بيٽن تي گهڻو اثر ٿيو. 1947ع ۾ بيگم رعنا جي ڪوشش سان ڇوڪرين ۽ عورتن کي فرسٽ ايڊ جي تعليم ڏيڻ جو انتظام سندن گهرن تي ڪيو ويو. 1947ع ۾ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ لياقت علي خان کي پاڪستان جو پهريون وزيراعظم مقرر ڪيو ويو. پاڪستان ۾ تربيت يافتہ نرسن جي کوٽ کي محسوس ڪندي، بيگم رعنا لياقت، ڇوڪرين ۽ سندن والدين کي آمادہ ڪيو تہ هن معزز پيشي ۾ اچي پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن جي سارسنڀال لھن. ان کان علاوہ پاڪستان وومين نئشنل گارڊ قائم ڪيائين، جنهن ۾ ٻہ هزار چار سئو ڇوڪريون شامل هيون، 22 فيبروري 1949ع تي پاڪستان وومين ائسوسيئيشن'>آل پاڪستان وومين ائسوسيئيشن (اپوا) (ڏسو: اپوا) قائم ڪئي ويئي، جنهن جو مقصد پاڪستان جي عورتن جي سماجي، تعليمي ۽ سياسي حقن جو تحفظ ڪرڻ هو. اپوا جون شاخون پاڪستان جي هر علائقي ۾ قائم ڪيون ويون، جيڪي عورتن جي معاملي ۾ حڪومت پاڪستان جي لاءِ هڪ مشير جي حيثيت رکن ٿيون. پاڪستان جي ڪيترن ئي ايسوسيئيشنن جو الحاق اپوا سان آهي. 1952ع ڌاري اقوام متحدہ جي جنرل اسيمبليءَ ۾ هن پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. 1953ع ۾، ملڪہ ايلزبيٿ جي جشن تاجپوشيءَ ۾ شاهي مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. اصل ۾ ڪامن ويلٿ ۾ شريڪ ملڪن مان واحد عورت بيگم رعنا هئي، جنهن کي شاهي مهمان جي حيثيت سان مدعو ڪيو ويو هو. 14 سيپٽمبر 1954ع تي حڪومت پاڪستان بيگم رعنا کي نيدرلئنڊز ۽ 9 جون 1961ع تي اٽليءَ جو سفير مقرر ڪيو. هلال احمر پاڪستان جي چيئرپرسن بہ رهي. 1955ع ۾ بيگم رعنا ايل. ايل. او. ڪميٽي آف ايڪسپرٽ ان ڪنونشن جي رڪن بڻجي وئي. ان سلسلي ۾ هر سال جنيوا جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندي هئي. آمريڪا جي حڪومت طرفان بيگم رعنا کي ”مادر پاڪستان“ جو خطاب ڏنو ويو. هوءَ ستر واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي گورنر بہ رهي. 1973ع کان 1976ع ڌاري اقوام متحدہ جي جنرل اسيمبليءَ ۾ کيس بين الاقوامي ”انساني حقوق اَوارڊ“ ڏنو ويو. هُن 13 جون 1990ع تي وفات ڪئي.


لفظ بيگم رعنا لياقت علي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.00.00  عيسوي

دهليءَ جي گرلز ڪاليج ۾ اقتصاديات جي استاد مقرر ٿي . 1934ع ۾ سندس شادي نواب زاده لياقت علي خان سان ٿي .


1946.00.00  عيسوي

1946ع ۾ دهليءَ ۾ لارڊ مائونٽ بيٽن وائسراءِ هندستان ٿي آيو ته بيگم رعنا ، ليڊي مائونٽ بيٽن ۽ سندس صاحبزادي پاميلا مائونٽ بيٽن جي پنهنجي جاءِ تي دعوت ڪئي ، ته جيئن مسلم ليگي عورتون ليڊي مائونٽ بيٽن کي ٻه قومي نظريي ۽ قيام پاڪستان جي اهميت کان واقف ڪن .


1949.02.22  عيسوي

22 فيبروري 1949ع تي آل پاڪستان وومين ائسوسيئيشن ( اپوا ) ( ڏسو: اپوا ) قائم ڪئي ويئي ، جنهن جو مقصد پاڪستان جي عورتن جي سماجي ، تعليمي ۽ سياسي حقن جو تحفظ ڪرڻ هو . اپوا جون شاخون پاڪستان جي هر علائقي ۾ قائم ڪيون ويون ،


1990.06.13  عيسوي

بيگم رعنا لياقت علي: هُن 13 جون 1990ع تي وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ميان غلام محمد خان ڀرڳڙي
راجا رنجيت سنگهہ
تولارام ڪنعيا لال رهيجا
پيرراڻو ڀنڀرو
ابن سعد
آغا تاج محمد خان
عبدالملڪ بن مروان
پير شاھنواز شاھہ عارف الموليٰ
شيخ علي سيوستاني
سومر عطار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون