بيگم مريم حاتم بدرالدين طيب جي

بيگم مريم حاتم بدرالدين طيب جي: بوهرا فرقي جي بزرگ سر اڪبر حيدريءَ جي ڌيءُ بيگم مريم حاتم، 27 سيپٽمبر 1899ع تي جنم ورتو. ابتدائي تعليم محبوبيه هاءِ اسڪول حيدرآباد دکن مان حاصل ڪيائين ۽ اتي ئي سينيئر ڪئمبرج تائين تعليم حاصل ڪيائين. سندس والده جو نالو ليڊي آمنه حيدري هو. 1918ع ۾ سندس شادي، حاتم بدرالدين طيب جي بئريسٽر سان ٿي. 1936ع ۾ هيءُ خاندان لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ ويٺو، جتي بيگم مريم حاتم سماجي، سياسي ۽ تعليمي ڪمن ۾ حصو ورتو. هيءَ اردو، انگريزيءَ ۽ پارسي ادب مان پوريءَ طرح واقف هئي. بيگم مريم حاتم ڪراچي ضلعي اسڪول بورڊ، ريڊ ڪراس، ليڊي ڊفرن اسپتال ۽ مسلم وومين ائسوسيئيشن جي سرگرم رڪن ٿي رهي. ان کان سواءِ ائڊلٽ بلائنڊ سينٽر جي صدر ۽ آنرري بينچ مئجسٽريٽ پڻ ٿي رهي، بيگم صاحبه انگلنڊ، ڊنمارڪ، جرمني، هالئنڊ، ناروي، ايران، شام، لبنان، سويڊن، ٿائيلئنڊ، مصر، ڪئناڊا، ملائيشيا، سينگاپور ۽ گهانا جو سفر ڪيو. سندس گهڻو وقت سماجي، سياسي ۽ تعليمي سرگرمين ۾ گذريو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1899.09.27  عيسوي

بيگم مريم حاتم بدرالدين طيب جي: بوهرا فرقي جي بزرگ سر اڪبر حيدريءَ جي ڌيءُ بيگم مريم حاتم ، 27 سيپٽمبر 1899ع تي جنم ورتو .


1918.00.00  عيسوي

1918ع ۾ سندس شادي ، حاتم بدرالدين طيب جي بئريسٽر سان ٿي . 1936ع ۾ هيءُ خاندان لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ ويٺو ،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديوان نرمل داس
ائينيمري شمل ڊاڪٽر
شاهه اسد 1
جان الله شاهه رضوي
سُورج مل اُڌيپوري
سرفراز ڪلهوڙو
سيليوڪس Seleucas
خان محمد بروهي 2
جادم مڱريو
شفيع اوڪاڙوي مولانا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون