بيگم مريم حاتم بدرالدين طيب جي

بيگم مريم حاتم بدرالدين طيب جي: بوهرا فرقي جي بزرگ سر اڪبر حيدريءَ جي ڌيءُ بيگم مريم حاتم، 27 سيپٽمبر 1899ع تي جنم ورتو. ابتدائي تعليم محبوبيه هاءِ اسڪول حيدرآباد دکن مان حاصل ڪيائين ۽ اتي ئي سينيئر ڪئمبرج تائين تعليم حاصل ڪيائين. سندس والدہ جو نالو ليڊي آمنہ حيدري هو. 1918ع ۾ سندس شادي، حاتم بدرالدين طيب جي بئريسٽر سان ٿي. 1936ع ۾ هيءُ خاندان لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ ويٺو، جتي بيگم مريم حاتم سماجي، سياسي ۽ تعليمي ڪمن ۾ حصو ورتو. هيءَ اردو، انگريزيءَ ۽ پارسي ادب مان پوريءَ طرح واقف هئي. بيگم مريم حاتم ڪراچي ضلعي اسڪول بورڊ، ريڊ ڪراس، ليڊي ڊفرن اسپتال ۽ مسلم وومين ائسوسيئيشن جي سرگرم رڪن ٿي رهي. ان کان سواءِ ائڊلٽ بلائنڊ سينٽر جي صدر ۽ آنرري بينچ مئجسٽريٽ پڻ ٿي رهي، بيگم صاحبہ انگلنڊ، ڊنمارڪ، جرمني، هالئنڊ، ناروي، ايران، شام، لبنان، سويڊن، ٿائيلئنڊ، مصر، ڪئناڊا، ملائيشيا، سينگاپور ۽ گهانا جو سفر ڪيو. سندس گهڻو وقت سماجي، سياسي ۽ تعليمي سرگرمين ۾ گذريو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1899.09.27  عيسوي

بيگم مريم حاتم بدرالدين طيب جي: بوهرا فرقي جي بزرگ سر اڪبر حيدريءَ جي ڌيءُ بيگم مريم حاتم ، 27 سيپٽمبر 1899ع تي جنم ورتو .


1918.00.00  عيسوي

1918ع ۾ سندس شادي ، حاتم بدرالدين طيب جي بئريسٽر سان ٿي . 1936ع ۾ هيءُ خاندان لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ ويٺو ،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪلال
جابر بن افلح
بشير احمد شاد ڊاڪٽر
رئيس محمد اسحاق خان گبول
پريٽي زنٽا
عباسي پنجل
سيد عبداللطيف بخاري
پکيئڙو محمد صديق
ڄام تماچي
غوث بخش بروهي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون