بيگن جروار: تعلقي ٽنڊي الهيار جي ديھہ ڍالوءَ جو هيءُ ڳوٺ، 200 سال اڳ رئيس بيگن خان جروار نالي هڪ نيڪ مرد ”نانگنا واھہ“ جي پراڻي ڍوري جي ڪپ تي اچي آباد ڪيو. ”نانگنا واھہ“ جي ان پراڻي ڍوري جا نشان اڄ بہ ڳوٺ جي اتر ۾ موجود آهن. هيءُ واھہ اڏيري لال شھر کان ٿورو ڏکڻ طرف گهلو واھہ مان نڪرندو هو، جڏهن تہ گهلو واھہ ”مارک واھہ“ مان سعيد آباد جي پريان سنڌو درياھہ مان نڪرندو هو. بيگن جروار ڳوٺ حڪمت جي ميدان ۾ مشھور آهي. ناميارو حڪيم ۽ جراح حاجي محمد هاشم عمراڻي بہ هن ڳوٺ جو رهاڪو هو، جنهن حڪمت ۾ تمام وڏو نالو ڪڍيو. باگاڻي پاڙي سان تعلق رکندڙ نيڪ سخي مرد ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي رئيس شريف خان جروار بہ هن ڳوٺ جو رهندڙ هو. ڳوٺ جي اوڀر طرف ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي مسڻ جو قديم شهر، اتر طرف 3 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڪامارو شريف ۽ اولھہ طرف چئن ڪلوميٽرن تي شاھجھان جي دؤر جي هڪ تاريخي مسجد ۽ درويش ”پاڪ سنگهار“ جو خوبصورت مقبرو موجود آهي، ان کان سواءِ هن ڳوٺ جي آسپاس اهڙا ڪيترائي تاريخي ماڳ موجود آهن، جن تي تحقيق جي ضرورت آهي. ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ جروار بلوچن جو هيءُ سڀ کان وڏو ڳوٺ ليکيو وڃي ٿو. هن ڳوٺ ۾ جروارن کان سواءِ رند، سما، اوڏ ۽ جتوئي بہ آباد آهن. هتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ ڌار ڌار پرائمري اسڪول، نڪاسيءَ جو نظام، واٽرسپلاءِ، يونين ڪائونسل، جانورن جي اسپتال جهڙيون سهوليتون موجود آهن. بيگن جروار جي ويجهو شاھہ لطيف جي صحبتي بزرگ ميين صابر ولهاريءَ جو بہ مقبرو موجود آهي.