بي ايس فيڊر

بي. ايس فيڊر: هي سنڌو درياھہ مان گڊو بئراج جي ساڄي پاسي کان نڪرندڙ هڪ واھہ آهي. جنھن کي مقامي ماڻهو ”گڊو واھہ“ بہ سڏيندا آهن. پر هن جو اصل نالو ”بيگاري سنڌ فيڊر“ آهي. هي پاڻي کڻت جي لحاظ کان سنڌ جو سڀ کان وڏو ڪئنال آهي. ساريالي جي رونبي وقت 22 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻندو آهي. هي فيڊر 78 ميل ڊگهو آهي. گڊو بئراج کان شروع ٿي، ڏکڻ اوڀر طرف درياھہ جي ساڄي ڪپ وارن بچابندن جي ڀرسان وهي، تعلقي لکي غلام شاھہ جي ڳوٺ ٻچانجي وٽ ختم ٿئي ٿو. جنھن تي اتر سنڌ جي پنجن ضلعن: ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، قمبر- شھدادڪوٽ ۽ سکر جي اٽڪل 10 لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي. هن جي کوٽائي 1953ع ۾ شروع ٿي. 1962ع ۾ پھريون دفعو اِن ۾ پاڻي ڇڏيو ويو. هن فيڊر تي ڪُل 7 ڪراس ريگيوليٽر ٺھيل آهن، جن مان مختلف شاخون نڪرن ٿيون. جن جو تفصيل هيٺينءَ ريت آهي.
(1) هي ريگيوليٽر، ڪشمور شھر جي ڏکڻ ۾ آر. ڊي 45 يعني نائين ميل تي آهي. جتان 2 شاخون ڪي. ڪي فيڊر (ڪچا خريف فيڊر) ۽ بھادران پور نڪرن ٿيون.
(2) هي ريگيوليٽر، ڪشمور ضلعي ۾ ٽوڙي بنگلي ويجهو آر. ڊي 219 تي انڙ واھہ وٽ آهي. جتان ساڄي پاسي انڙ ڪئنال ۽ تنگواڻي برانچ نڪرن ٿا. بي. ايس فيڊر مان آر. ڊي 45 ۽ آر. ڊي 219 جي وچ مان ڪجهہ ننڍيون شاخون نورپور شاخ، سنڌ ڍورو شاخ، کاسي شاخ ۽ وڪڙو شاخ نڪرن ٿيون.
(3) هي ريگيوليٽر، ڪشمور ۽ شڪارپور ضلعن جي دنگ تي ڳڙهي تيغو ڳوٺ ويجهو آر. ڊي 269 (54 ميل) تي چوئي بنگلي وٽ آهي. جتان بي. ايس فيڊر جو سڀ کان وڏو ”بيگاري ڪئنال“ نڪري ٿو، جيڪو بي. ايس فيڊر جو 50 کان 60 سيڪڙو پاڻي کڻي ٿو.
(4) هي ريگيوليٽر، ڪوٽ شاهو وٽ آهي، جنھن مان هڪ شاخ مرزا واھہ جي نالي سان نڪري ٿي.
(5) هي ريگيوليٽر، رستم شھر کان اوڀر طرفان محمودا باغ وٽ آهي. جتان ساڄي پاسي سنڌ واھہ ڪئنال ۽ لٻاڻا شاخ ۽ کاٻي پاسي سنڌ واھہ نڪري ٿو. جنھن مان رستم مائنر، نون مائنر، رئيس واھہ، ننڍي بيگاري، ياسين واھہ، پپو واھہ، مونگر واھہ، تيسر ڪوٽ شاخ، جاڙو واھہ، وزير آباد شاخ، امروٽ مائنر، ميرواھہ ۽ ٻيا واھہ ۽ شاخون نڪرن ٿيون.
(6) هي ريگيوليٽر، چڪ شھر جي ڏکڻ ۾ کاهي مھر ڳوٺ وٽ آهي، جنھن مان رجب واھہ نڪري ٿو.
(7) هي آخري ريگيوليٽر، شڪارپور ضلعي جي ٻچانجي ڳوٺ وٽ آهي، جتي فيڊر ختم ٿئي ٿو. اتان ٻہ شاخون ڇتي شاخ ۽ گوسڙجي شاخ نڪرن ٿيون.
بي. ايس فيڊر ۾ مئي جي آخر يا جون جي شروعات ۾ ساريالي جي پوکي لاءِ پاڻي ڇڏيو ويندو آهي، جيڪو آڪٽوبر تائين هلندو آهي. ان بعد جنوري ۾ ربيع جي فصلن لاءِ پاڻي ڇڏيو ويندو آهي. 2010ع ۾ ٽوڙي بند واري گهاري بي. ايس فيڊر کي گهڻو نقصان رسايو. انهي گهاري جو پاڻي 219 ريگيوليٽر وٽ بي. ايس فيڊر کي 2000 فوٽ گهارو هڻي ٻاهر نڪتو ۽ ڪيترائي ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ آيو. جنھن بعد فيڊر جي بندن جي مرمت ڪرائي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو