بي بي غوث جيجان (ولاسي ڌڃاڻي ): ضلعي بدين جي شھر ڪڍڻ کان چئن پنجن ميلن جي مفاصلي تي موجود مٺي کاهوڙيءَ جي مقام کان هڪ ميل اُتر طرف بي بي غوث جيجان جو قُبو چوکنڊيءَ جي شڪل ۾ هو، جيڪو هينئر ڀڄي ڀُري ويو آهي. چوکنڊيءَ جي چوٽي خواه اُتر واري ڀٽ هينئر صفا ڪري چُڪيون آهن، پر اُنهن جا نشان اڃا قائم آهن. روايت آهي تہ بي بي غوث جيجان، حضرت قائم الدين رحه قلندر بڪيرن شريف واري جي پيڙهيءَ مان هئي. هر اسلامي مهيني جي پهرئين سومر تي هتي اجتماع بہ پڻ ٿيندو آهي. بي بي غوث جيجان جي روضي وٽ هينئر بہ ڪجهہ سُڪل وڻن جا ٿُڙ موجود آهن، جن کي احترام سبب ڪو بہ وڍي نٿو. روايت آهي تہ بي بي جي دؤر ۾ هتي انبن جا وڻ هئا ۽ اُتي هڪڙو وڏو باغ هو، جنهن ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ ميوو ٿيندو هو، جيڪو بي بي جا فقير استعمال ڪندا هئا. اُن وقت جي حاڪم بي بي کان ڍل جي تقاضا ڪئي، جنهن لاءِ بي بيءَ صاف انڪار ڪري ڇڏيو. جنهنڪري حاڪم پنھنجي ڪٽڪ سان ڪاهي آيو جڏهن باغ ڀرسان پهتو تہ بي بي صاحبہ جي هشمت ڏسي، هٿيار ڦٽا ڪري واپس وريو.