
بيبي مريم جو گهر
بي بي مريم جو گهر: 19 هين صديءَ جي شروعات ۾ جرمنيءَ جي هڪ نن (عورتون جيڪي گرجا جي خدمت لاءِ پاڻ کي وقف ڪن ۽ شادي نہ ڪن) نالي آنا ڪيٿرينا، هڪ خواب ڏٺو ۽ اُن ۾ هُن کي بي بي مريم جو آخري گهر نظر آيو. اها خاتون معذور هئي ۽ گهر کان ٻاهر بہ ڪڏهن ڪا نہ نڪتي هئي. هن همت ڪري، پنھنجي ان خواب کي ڪتابي صورت ۾ آڻي شايع ڪرايو. ان گهر جون نشانيون، رستا ۽ جبل بہ ٻڌايائين. ڪتاب جي شايع ٿيڻ جي دير هئي، پوءِ تہ سڄي دنيا ۾ ڳولا شروع ٿي وئي. آخر اهو جبل ۽ ان تي اُهو گهر، ترڪيءَ ۾ هٿ اچي ويو. ڪيترائي سال ان تي تحقيق ٿيندي رهي، آخرڪار 20 جولاءِ 1967ع تي پوپ پال چوٿون ۽ 30 نومبر 1970ع تي پوپ لين پال ٻيو هتي آيا ۽ گهر کي برابر صحيح قرار ڏنائون، هينئر تہ ترڪيءَ وارا بيحد خوش آهن جو روزانہ سوين عيسائي سياح اچي زيارت ڪن ٿا ۽ دعائون گهرن ٿا.