بي ستون

بي سُتون: ايران جو هڪ ڳوٺ. هن ڳوٺ جي ويجهوئي اها پهاڙي ڇپ آهي، جنهن تي ميخي خط جي ڪتبن ۾ دارا اول جي تصوير اُڪريل آهي. ڪارين ڇِپن واري پهاڙ ۾ هخا منشي بادشاهن (پنجين صديءَ ق. م) ۽ ساساني حڪمرانن (7 صدي عيسويءَ) جا بت، ڪتبا ۽ تصويرون اڪريل آهن. پهاڙ جي ارد گرد موجود اهڙن آثارن مان لڳي ٿو تہ انهن دورن ۾ هيءُ علائَقو نهايت آباد ۽ بارونق هوندو. هڪڙي هنڌ، هڪڙي سھڻي گهوڙي تي هڪ سوار جي تصوير آهي. مشھور آهي تہ اُهو خسرو پرويز آهي. گهوڙو شبريز آهي ۽ شيرين بيٺي آهي. فارسي ادب ۾ بي ستون شھر مشھور آهي، جنهن سان شيرين ۽ فرهاد جو افسانو وابستہ آهي.

لفظ بي ستونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0500.00.00  قبلِ مسيح

بي سُتون: ايران جو هڪ ڳوٺ . هن ڳوٺ جي ويجهوئي اها پهاڙي ڇپ آهي ، جنهن تي ميخي خط جي ڪتبن ۾ دارا اول جي تصوير اُڪريل آهي . ڪارين ڇِپن واري پهاڙ ۾ هخا منشي بادشاهن ( پنجين صديءَ ق . م ) ۽ ساساني حڪمرانن ( 7 صدي عيسويءَ ) جا بت ، ڪتبا ۽ تصويرون اڪريل آهن .

0700.00.00  عيسوي

قديم آثار - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آثار قديمہ
انساني قدمن جا پنڊ پھڻ نشان
ٺڪر جا ٿانو
ديھہ ٻڍي ملي وارا آثار
ٻاٻرين جا آثار
اروڙ الور
بزن جهڏو
ٻنڀرو دڙو
ٻڌيا
ٻوھي وارو ڀڙو
قديم آثار ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون