بي ستون

بي سُتون: ايران جو هڪ ڳوٺ. هن ڳوٺ جي ويجهوئي اها پهاڙي ڇپ آهي، جنهن تي ميخي خط جي ڪتبن ۾ دارا اول جي تصوير اُڪريل آهي. ڪارين ڇِپن واري پهاڙ ۾ هخا منشي بادشاهن (پنجين صديءَ ق. م) ۽ ساساني حڪمرانن (7 صدي عيسويءَ) جا بت، ڪتبا ۽ تصويرون اڪريل آهن. پهاڙ جي ارد گرد موجود اهڙن آثارن مان لڳي ٿو تہ انهن دورن ۾ هيءُ علائَقو نهايت آباد ۽ بارونق هوندو. هڪڙي هنڌ، هڪڙي سھڻي گهوڙي تي هڪ سوار جي تصوير آهي. مشھور آهي تہ اُهو خسرو پرويز آهي. گهوڙو شبريز آهي ۽ شيرين بيٺي آهي. فارسي ادب ۾ بي ستون شھر مشھور آهي، جنهن سان شيرين ۽ فرهاد جو افسانو وابستہ آهي.

لفظ بي ستونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0500.00.00  قبلِ مسيح

بي سُتون: ايران جو هڪ ڳوٺ . هن ڳوٺ جي ويجهوئي اها پهاڙي ڇپ آهي ، جنهن تي ميخي خط جي ڪتبن ۾ دارا اول جي تصوير اُڪريل آهي . ڪارين ڇِپن واري پهاڙ ۾ هخا منشي بادشاهن ( پنجين صديءَ ق . م ) ۽ ساساني حڪمرانن ( 7 صدي عيسويءَ ) جا بت ، ڪتبا ۽ تصويرون اڪريل آهن .

0700.00.00  عيسوي

قديم آثار - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جُھڪر جو دڙو
انگهہ دڙو
سراج جو ٽڪر
ڍولا ويرا
ٻنڀرو دڙو
ستي اسٽون
الھيو بندر
آسڻ 2
ٻنڌڻي
آدم جي چوٽي
قديم آثار ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون