بَيِّنةِ سورة

بَـيِّنةِ، سورة: قرآن مجيد جي 98 هين سورة، جيڪا مڪي ۾ نازل ٿي. هن ۾ اٺ آيتون آهن. هن سورة ۾ رسول صلي عليہ وسلم جي شريعت کي روشن دليل چيو ويو آهي ۽ ماڻهن کي نماز پڙهڻ، زڪوات ڏيڻ ۽ نيڪ ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي تہ جيئن اهي آخرت ۾ تعاليٰ جي نعمتن جا حقدار ٿين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو