بِنگو گوپانگ: هيءُ خواجہ محمد زمان لنواريءَ واري (وفات 1188ھہ/ 1774ع) جو مخلص مريد ۽ هڪ درويش شاعر هو. بيتن جي شاعري ڪيائين. ڳوٺ ”وايون“، لڳ درٻيلي، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز جو رهاڪو هو. کيس وفات ڪئي اٽڪل پوڻا ٻہ سؤ سال ٿيا آهن.