بٺي ٿاڻو عارب

بٺي ٿاڻو عارب: ڌاتو پاھڻي دور جو ھي ماڳ ٿاڻي عارب خان (تعلقو بولا خان، ضلع ڄامشورو) جي ڀرسان ھڪ ڍوريءَ تي، جيڪا نئن بارڻ سان ملي ٿي. اتر ويڪرائي ڦاڪ 25037'06'' ۽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ 67050'56'' تي موجود آھي. ھن وقت زمين/ هنڌ جو گهڻو حصو زرعي زمين ھيٺ اچي چڪو آھي. ۽ ڪافي حصي تي قبرستان ٺھي چڪو آھي. نظر ڪبي تہ ھڪ ٺلھہ نما مٿاھين جو گهيرو 60 ميٽر، مٿان وارو قطر 8 ميٽر اونچائي 11 ميٽر اٿس. ھن دڙي جي ماپ 250x250 ميٽر باقي وڃي بچي آھي. ھن دڙي کي اين جي مجمدار کوٽيو ھو، جنھن ھن دڙي کي ڌاتو پاھڻي دور جو ڪري لکيو آھي. ھتي کوٽيل ٽن تجرباتي کڏن مان جيڪي وٿون مليون، تن ۾ آمري ثقافت سان لاڳاپيل ٺڪراٺو، مڻڪا، پٿر جا گولڙا، ٽامي جي ڇيڻي، پٿر جي روھي/ سيراڻ (Hone)، پٿر جا پتا ۽ کرچڻا شامل آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو