بَٽُووڻ

بَٽُووڻ

بٽو وڻ

بَٽُو: هي وڻ برصغير جو مقامي وڻ آهي. انگريزي ۾ هي wood apple جي نالي سان مشھور آهي. هن جو نباتاتي سائنسي نالو Limonia Acidissima آهي. ڪراچيءَ جي ملير واري علائقي ۾ هن جا قديم وڻ اڃا به ڪٿي ڪٿي موجود آهن. هي وڻ سڄو سال سائو ۽ سرسبز رهي ٿو. 30 فوٽن کان به وڌيڪ اوچي، وائکي ۽ ڇانوري واري هن وڻ ۾، جنھن وقت ميوو پچڻ شروع ٿئي ته اُن جي هيٺان ويھڻ يا آرام ڪرڻ کان احتياط ڪجي. ڇو ته ميوي جي ٻاهرين کَلَ تمام سخت هئڻ سبب، نارنگي جيترو هي ميوو ماڻهن کي زخمي به ڪري سگهي ٿو. هن جا پن، چھچ ساوا ۽ ٿلها ٿين ٿا، جن کي مھٽڻ سان انھن مان ليمي يا نارنگي جھڙي مھڪ ايندي آهي. هندستان ۽ سريلنڪا ۾ هن جي پنن مان خوشبودار عرق ۽ تيل به ڪڍيو ويندو آهي. هن وڻ ۾ بھار جي شروعات ۾ ننڍا گل نڪرندا آهن جنھن ۾ سفيد رنگ جون پنکڙيون ٿين ٿيون. هن جو ميوو پچڻ تائين وڏو وقت وٺي ٿو. فيبروري ۾ گُلن مان ٺھيل ميوو جون جولائي تائين مس وڃي تيار ٿئي ٿو. اهڙي طرح ليمي وانگر هن ۾ آرهڙ ۾ گل ۽ سرءَ جي مند ۾ ڪجهه ميوو ٿئي ٿو. هن وڻ جو ميوو غذائيت سان ڀرپور ۽ ذائقيدار کٽو مٺو ٿئي ٿو. ڦل جي ٻاهرين کل ناريل وانگر سخت ٿيندي آهي، جنھن جي اندر ڳر ۽ ٻج ٿئي ٿو. هن جي ڳرائين به کائي سگهجي ٿي ۽ ان مان چٽڻيون، شربت ۽ مُربو وغيره به تيار ڪري سگهجن ٿا. ميوي جي ڳر ۾ ڪئلشيم، آئرن، جست ۽ مختلف وٽامنز سٺي مقدار ۾ ملن ٿا. هن ۾ ڪاربوهائيڊريٽس ۽ پروٽين به مناسب مقدار ۾ آهي پر شگر بلڪل ڪونه اٿس، ان ڪري شگر جي مريضن لاءِ ته غذائيت حاصل ڪرڻ جو بھترين قدرتي ذريعو ليکجي ٿو. ديسي طب ۾ هن وڻ جو هر جز طبي خاصيتن سان مالا مال آهي. هي وڻ ٻج مان باآساني تيار ٿي سگهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو